حذيفه رضه بن اليمان: وڏي مرتبي ۽ شان وارو اصحابي، جنهن کي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن قيامت ۾ پاڻ سان گڏ هجڻ جي بشارت ڏني آهي. سندس ڪنيت ابو عبدالله ۽ لقب ’صاحب السِر‘ (محرم راز يا رازدان) هو. هن انهي لقب ملڻ جو سبب هي هو، جو رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کيس منافقن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا هئا. اهو راز هن لڪائي محفوظ رکيو هو. حذيفه رضه جو تعلق غطفان قبيلي سان هو. سندس والد يمان (يعني يمني) جي نالي سان مشهور هو. هن ۽ سندس والد هجرت کان اڳ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو هو. ان کانپوءِ حضرت حذيفه رضه جي والده رباب رضه ۽ سندس هڪ ڀاءُ صفوان رضه به اسلام قبول ڪيو هو. اُحد جي جنگ ۾ پيءُ پٽ شامل هئا، احزاب جي جنگ ۾ حضرت حذيفه رضه وڏي جذبي سان حصو ورتو. خيبر، بيعت رضوان، فتح مڪه ۽ ٻين غزوات (جنگين) ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتائين. سنه 18 هه ۾ نهاوند تي لشڪر جي ڪاهه وقت حضرت عمر فاروقرضه جي فرمائش تي حضرت حذيفه رضه ڪوفي کان هڪ منتخب لشڪر وٺي نڪتو ۽ ايرانين جو خوب مقابلو ڪيائين، جڏهن سپه سالار نعمان بن مقرن رضه شهيد ٿيو، تڏهن حضرت عمر رضه جي هدايت تي حضرت حذيفه رضه کي لشڪر جو امير مقرر ڪيو ويو. نهاوند جي فتح کانپوءِ حضرت حذيفه رضه آذربائيجان تي چڙهائي ڪئي. سخت جنگ کان پوءِ آذربائيجان کي اسلامي سلطنت ۾ آڻي خراج بردار بنايائين. ان کانپوءِ هن موقان ۽ جيلان کي تابع بنايو. اڃا اڳتي وڌڻ جو ارادو هئس ته حضرت عمر رضه کيس فوجي خدمتن تان هٽائي مدائن جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو. حضرت عمر رضه کان پوءِ حضرت عثمان رضه به کيس مدائن جي گورنريءَ تي برقرار رکيو. 30 هجريءَ ۾ گورنريءَ کي ڇڏي، انهيءَ لشڪر سان وڃي شامل وڃي ٿيو جيڪو خراسان وڃي رهيو هو. خراسان جي فتح کانپوءِ هن ’ري‘ ۽ ’آرمينيا‘ جي معرڪن ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ 31 هجريءَ ۾ خاقان خزر خلاف جيڪا فوج موڪلي وئي ان ۾ به شريڪ ٿيو. حضرت عثمان غني رضه، باب کي مطيع ڪرائڻ لاءِ ٽي ڀيرا فوج موڪلي، هر ڀيري اُن جي اڳواڻي حضرت حذيفه رضه ڪئي. حضرت عثمان غني رضه جي خلافت جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هن مدائن جي گورنر جون واڳون سنڀاليائون ۽ اتي ئي 35هه ۾ (حضرت عثمان غني رضه جي شهادت کانپوءِ چاليهين ڏينهن) وفات ڪيائين. وفات کان اڳ حضرت حذيفه رضه حضرت عليعه جي بيعت ڪئي ۽ پنهنجن پٽن کي به وصيت ڪيائين حضرت عليعه جا پوئلڳ ٿي رهن، اڳتي هلي سندس ٻه پُٽ صفين جي جنگ ۾ حضرت عليعه طرفان وڙهندي شهيد ٿيا هئا.
حضرت حذيفهرضه جو شمار صحابهء ڪبار (وڏن اصحابن) ۾ ٿئي ٿو. قرآن، حديث ۽ فقه ۾ وڏي فضيلت رکندو هو. حافظِ قرآن هو. کانئس سؤ کان مٿي حديثون روايت ٿيل آهن. وڏو مدرس هو. روزي ۽ نماز جو پابند هو. (ماخذ: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا)