حذيفه رضي ﷲ عنه بن اليمان: وڏي مرتبي ۽ شان وارو اصحابي، جنهن کي حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن قيامت ۾ پاڻ سان گڏ هجڻ جي بشارت ڏني آهي. سندس ڪنيت ابو عبدالله ۽ لقب ’صاحب السِر‘ (محرم راز يا رازدان) هو. هن انهي لقب ملڻ جو سبب هي هو، جو رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کيس منافقن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا هئا. اهو راز هن لڪائي محفوظ رکيو هو. حذيفه رضي ﷲ عنه جو تعلق غطفان قبيلي سان هو. سندس والد يمان (يعني يمني) جي نالي سان مشھور هو. هن ۽ سندس والد هجرت کان اڳ حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو هو. ان کانپوءِ حضرت حذيفه رضہ جي والدہ رباب رضہ ۽ سندس هڪ ڀاءُ صفوان رضہ بہ اسلام قبول ڪيو هو. اُحد جي جنگ ۾ پيءُ پٽ شامل هئا، احزاب جي جنگ ۾ حضرت حذيفه رضي ﷲ عنه وڏي جذبي سان حصو ورتو. خيبر، بيعت رضوان، فتح مڪه ۽ ٻين غزوات (جنگين) ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتائين. سنہ 18 ھہ ۾ نهاوند تي لشڪر جي ڪاھہ وقت حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنه جي فرمائش تي حضرت حذيفه رضي ﷲ عنه ڪوفي کان هڪ منتخب لشڪر وٺي نڪتو ۽ ايرانين جو خوب مقابلو ڪيائين، جڏهن سپه سالار نعمان بن مقرن رضہ شھيد ٿيو، تڏهن حضرت عمر رضہ جي هدايت تي حضرت حذيفه رضي ﷲ عنه کي لشڪر جو امير مقرر ڪيو ويو. نهاوند جي فتح کانپوءِ حضرت حذيفه رضي ﷲ عنه آذربائيجان تي چڙهائي ڪئي. سخت جنگ کان پوءِ آذربائيجان کي اسلامي سلطنت ۾ آڻي خراج بردار بنايائين. ان کانپوءِ هن موقان ۽ جيلان کي تابع بنايو. اڃا اڳتي وڌڻ جو ارادو هئس تہ حضرت عمر رضي ﷲ عنه کيس فوجي خدمتن تان هٽائي مدائن جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو. حضرت عمررضي ﷲ عنه کان پوءِ حضرت عثمان رضي ﷲ عنه بہ کيس مدائن جي گورنريءَ تي برقرار رکيو. 30 هجريءَ ۾ گورنريءَ کي ڇڏي، انهيءَ لشڪر سان وڃي شامل وڃي ٿيو جيڪو خراسان وڃي رهيو هو. خراسان جي فتح کانپوءِ هن ’ري‘ ۽ ’آرمينيا‘ جي معرڪن ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ 31 هجريءَ ۾ خاقان خزر خلاف جيڪا فوج موڪلي وئي ان ۾ بہ شريڪ ٿيو. حضرت عثمان غني رضه، باب کي مطيع ڪرائڻ لاءِ ٽي ڀيرا فوج موڪلي، هر ڀيري اُن جي اڳواڻي حضرت حذيفه رضي ﷲ عنه ڪئي. حضرت عثمان غني رضي ﷲ عنه جي خلافت جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هن مدائن جي گورنر جون واڳون سنڀاليائون ۽ اتي ئي 35ھہ ۾ (حضرت عثمان غني رضي ﷲ عنهجي شهادت کانپوءِ چاليهين ڏينهن) وفات ڪيائين. وفات کان اڳ حضرت حذيفه رضہ حضرت عليعه جي بيعت ڪئي ۽ پنهنجن پٽن کي بہ وصيت ڪيائين حضرت عليعه جا پوئلڳ ٿي رهن، اڳتي هلي سندس ٻہ پُٽ صفين جي جنگ ۾ حضرت عليعه طرفان وڙهندي شھيد ٿيا هئا. ضرت حذيفه رضي ﷲ عنهجو شمار صحابهء ڪبار (وڏن اصحابن) ۾ ٿئي ٿو. قرآن، حديث ۽ فقہ ۾ وڏي فضيلت رکندو هو. حافظِ قرآن هو. کانئس سؤ کان مٿي حديثون روايت ٿيل آهن. وڏو مدرس هو. روزي ۽ نماز جو پابند هو. (ماخذ: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا)