حذيفه رضہ بن اليمان: وڏي مرتبي ۽ شان وارو اصحابي، جنهن کي حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن قيامت ۾ پاڻ سان گڏ هجڻ جي بشارت ڏني آهي. سندس ڪنيت ابو عبدالله ۽ لقب ’صاحب السِر‘ (محرم راز يا رازدان) هو. هن انهي لقب ملڻ جو سبب هي هو، جو رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کيس منافقن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا هئا. اهو راز هن لڪائي محفوظ رکيو هو. حذيفه رضہ جو تعلق غطفان قبيلي سان هو. سندس والد يمان (يعني يمني) جي نالي سان مشھور هو. هن ۽ سندس والد هجرت کان اڳ حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو هو. ان کانپوءِ حضرت حذيفه رضہ جي والدہ رباب رضہ ۽ سندس هڪ ڀاءُ صفوان رضہ بہ اسلام قبول ڪيو هو. اُحد جي جنگ ۾ پيءُ پٽ شامل هئا، احزاب جي جنگ ۾ حضرت حذيفه رضہ وڏي جذبي سان حصو ورتو. خيبر، بيعت رضوان، فتح مڪه ۽ ٻين غزوات (جنگين) ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتائين. سنہ 18 ھہ ۾ نهاوند تي لشڪر جي ڪاھہ وقت حضرت عمر فاروقرضه جي فرمائش تي حضرت حذيفه رضہ ڪوفي کان هڪ منتخب لشڪر وٺي نڪتو ۽ ايرانين جو خوب مقابلو ڪيائين، جڏهن سپه سالار نعمان بن مقرن رضہ شھيد ٿيو، تڏهن حضرت عمر رضہ جي هدايت تي حضرت حذيفه رضہ کي لشڪر جو امير مقرر ڪيو ويو. نهاوند جي فتح کانپوءِ حضرت حذيفه رضہ آذربائيجان تي چڙهائي ڪئي. سخت جنگ کان پوءِ آذربائيجان کي اسلامي سلطنت ۾ آڻي خراج بردار بنايائين. ان کانپوءِ هن موقان ۽ جيلان کي تابع بنايو. اڃا اڳتي وڌڻ جو ارادو هئس تہ حضرت عمر رضہ کيس فوجي خدمتن تان هٽائي مدائن جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو. حضرت عمر رضہ کان پوءِ حضرت عثمان رضہ بہ کيس مدائن جي گورنريءَ تي برقرار رکيو. 30 هجريءَ ۾ گورنريءَ کي ڇڏي، انهيءَ لشڪر سان وڃي شامل وڃي ٿيو جيڪو خراسان وڃي رهيو هو. خراسان جي فتح کانپوءِ هن ’ري‘ ۽ ’آرمينيا‘ جي معرڪن ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ 31 هجريءَ ۾ خاقان خزر خلاف جيڪا فوج موڪلي وئي ان ۾ بہ شريڪ ٿيو. حضرت عثمان غني رضه، باب کي مطيع ڪرائڻ لاءِ ٽي ڀيرا فوج موڪلي، هر ڀيري اُن جي اڳواڻي حضرت حذيفه رضہ ڪئي. حضرت عثمان غني رضہ جي خلافت جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هن مدائن جي گورنر جون واڳون سنڀاليائون ۽ اتي ئي 35ھہ ۾ (حضرت عثمان غني رضہ جي شهادت کانپوءِ چاليهين ڏينهن) وفات ڪيائين. وفات کان اڳ حضرت حذيفه رضہ حضرت عليعه جي بيعت ڪئي ۽ پنهنجن پٽن کي بہ وصيت ڪيائين حضرت عليعه جا پوئلڳ ٿي رهن، اڳتي هلي سندس ٻہ پُٽ صفين جي جنگ ۾ حضرت عليعه طرفان وڙهندي شھيد ٿيا هئا.
حضرت حذيفهرضه جو شمار صحابهء ڪبار (وڏن اصحابن) ۾ ٿئي ٿو. قرآن، حديث ۽ فقہ ۾ وڏي فضيلت رکندو هو. حافظِ قرآن هو. کانئس سؤ کان مٿي حديثون روايت ٿيل آهن. وڏو مدرس هو. روزي ۽ نماز جو پابند هو. (ماخذ: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا)