حزب: ’حزب‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ ’ٽولو‘ آهي. قرآن مجيد ۾ هي لفظ مذهبي ٽولن لاءِ استعمال ٿيو آهي. ﷲ جي جماعت ئي غالب رهڻ واري آهي (56.6) اسلام جي شروعاتي زماني ۾ هي لفظ ’ٽڪرن‘ جي معنيٰ ۾ بہ استعمال ٿيو. هي لفظ خاص ڪري قرآن مجيد جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ مصر ۾ قرآن شريف کي سٺ حصن ۾ ورهائي رکيو ويو هو. هاڻوڪي دور ۾ قرآن جو اهو نسخو نہ ٿو ملي. امام غزاليءَ بہ پنھنجي ڪتاب ’اَحياءَ‘ ۾ قرآن مجيد جي حصن لاءِ ’حزب‘ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. حزب جو هڪ مطلب ڌر بہ آهي موجودہ دؤر ۾ حزب مخالف ۽ حزب موافق جي اصلاحن ۾ استعمال ٿئي ٿو.