حزب الله ميمڻ، شهيد

حزب الله ميمڻ، شهيد

حزب ﷲ ميمڻ شھيد

حزب ميمڻ، شھيد: سنڌ يونيورسٽيءَ جي سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي ائسوسيئيٽ پروفيسر، حزب ميمڻ جا وڏا اصل مٽياريءَ جا رهاڪو هئا. سندس والد جو نالو حاجي عبدالڪريم ميمڻ هو، جنهن جو حيدرآباد شاهي بازار ۾ آڏاڻي جي اُڻيل ڪپڙي ۽ ڇُر جي ڪپڙن، جھڙوڪ: اجرڪ، سوسي، گربي، لونگي، کيسَ ۽ ٽوپين وغيرہ جو ’حاجي عبدالڪريم اينڊ سنز‘ جي نالي سان جڳ مشھور دڪان، 1935ع کان وٺي قائم هو.
حزب ميمڻ، 25 سيپٽمبر 1944ع تي فقير جي پِڙ، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرئڪٽسنگ ٽريننگ ٽيچرس ڪاليج حيدرآباد جي پرائمري سيڪشن ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول مان ڪيائين.
حزب ميمڻ، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پهرين پوليٽيڪل سائنس ۾، ۽ بعد ۾ سائڪالاجيءَ ۾ ايم. اي ڪئي. ان کان سواءِ هن سنڌ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سائڪلاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. انهيءَ دوران هن سائڪالاجيءَ سان گڏوگڏ سنڌي هنرن ۽ ثقافت تي ڪيترائي تحقيقي ۽ تاريخي مقالا لکيا. هن ڏيھہ ۽ پرڏيھہ ۾ ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري، تحقيقي مقالا پيش ڪيا.
حزب ميمڻ، ترقي ڪري ائسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي پهتو ۽ پنھنجي وقت جو بھترين ۽ باصلاحيت استاد رهيو. سندس شاگردن ۽ استادن ۾ وڏو احترام ۽ عزت هئي. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ سنڌ جي مشھور عالمن ۽ اديبن: پير حسام الدين شاھہ راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي، محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪري، پروفيسر ظفر حسن، خيرالنساءِ جعفري ۽ سماج جي ٻين شعبن سان واسطيدار شخصيتن سان واسطو رکيو ۽ ساڻن سنڌي سماج ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پروفيسر صاحب وٽ 10 هزارن کان مٿي ڪتابن جي ذاتي لائبرري هئي، جنهن ۾ قرآن پاڪ جا ڪيترائي قلمي نسخا ۽ ٻيا ناياب ڪتاب موجود هئا. پروفيسر حزب ميمڻ کي سِڪن سان وڏي دلچسپي هئي ۽ وٽس سون، چاندي، پتل ۽ ٽامي جا هزارين سِڪا موجود هئا، جن ۾ خاص ڪري سڪندراعظم کان وٺي سمن ۽ اڪبر جي دؤر جا ناياب سڪا ۽ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جا تاج، ڪپڙا ۽ سِڪا بہ شامل هئا. وٽس سِڪن، ڪتابن ۽ سنڌ جي ناياب هنري شين ڏسڻ لاءِ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ممتاز علي خان ڀٽو، ڄام صادق علي، پيار علي الانا، عبدالله خان ورياھہ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻيا وقت بوقت ايندا رهندا هئا. پروفيسر صاحب جو اهو ناياب ذخيرو هميشہ ڪن متعصب ۽ سنڌ دشمن ماڻهن جي اک ۾ ڪَنڊي وانگر چُڀندو رهيو، ان ڪري هنن 1972ع ۾ 1977ع دوران ان ذخيري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. خاص ڪري، 27 مئي 1990ع جي لساني فسادن دوران اُهي متعصب ماڻهو پروفيسر صاحب جو سمورو تاريخي ۽ تهذيبي ذخيرو لُٽي کڻي ويا ۽ 10 ڏينهن بعد، کيس 7 جون 1990ع تي سندس زير تعمير گهر، ڊفينس سوسائٽي، حيدرآباد ۾ ڳولي اچي شھيد ڪيو.
شھيد پروفيسر حزب ميمڻ کي اباڻي قبرستان ’ميئون جيئندو، مٽياريءَ‘ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.09.25  عيسوي

حزب الله ميمڻ، 25 سيپٽمبر 1944ع تي فقير جي پِڙ، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1990.06.07  عيسوي

هن کي 7 جون 1990ع تي شهيد ڪيوويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڻو چندن
پير حاجي نظر محمد شاھہ جيلاني
آصف فرخي ڊاڪٽر
پيرزادو عبدالستار
ابو اسحاق ابراهيم بن سنان
اظهر گيلاني
ڏيارام گدو مل
شتروگهن سنها
ستار حسين خان
سردار خان چانڊيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون