حسرت موهاني، مولانا

حسرت موهاني، مولانا

حسرت موهاني مولانا

حسرت موهاني، مولانا: مولانا سيد فضل حسن ’حسرت موهاني‘ تحريڪِ آزادي جو اهم رڪن، سياستدان، بيباڪ صحافي، شاعر ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. ضلعي ’انائو‘ جي موهان ڳوٺ ۾ 1881ع ڌاري ڄائو. قرآن مجيد، اردو ۽ فارسيءَ جي تعليم مولانا غلام علي موهانيءَ کان گهر ۾ حاصل ڪيائين. عربيءَ جي تعليم سيد ظهور الاسلام کان حاصل ڪيائين. مدرسي اسلاميه فتح پور مان ٻارهين جماعت پاس ڪري، عليڳڙهه ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1905ع ڌاري بي. اي. جي ڊگري حاصل ڪيائين. حسرت موهاني جڏهن علي ڳڙهه ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو ته ان وقت سندس ملاقات سجاد حيدر ’يلدرم‘، مولانا شوڪت علي، قاضي تلميذ حسين گورکپوري، خان بهادر سيد ابو محمد وغيره سان ٿي. جن سندس شخصيت کي اجاگر ڪيو. سجاد حيدر يلدرم جي ڪوششن سان ’انجمن اردوئي معليٰ‘ جو ميمبر ۽ بعد ۾ سيڪريٽري ٿيو. ان کانپوءِ رسالي ’اردوءِ معليٰ‘ ۾ پنهنجون گرم جوش تحريرون شايع ڪرائڻ لڳو، جيڪي وقت جي حڪومت کي سخت ناپسند هيون.
حسرت موهانيءَ جي شادي پنهنجي مامي شبير حسن موهانيءَ جي ڌيءَ نشاط النساء سان 1890ع ۾ ٿي. مذهبي لحاظ کان حسرت موهاني حنفي ۽ قادري طريقي سان واسطو رکندو هو. مولانا حسرت موهانيءَ اردو ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي، ڪيترن گمنام شاعرن جي زندگيءَ ۽ ڪلام سميت پنهنجي استادن جي ڪلام کي به منظر عام تي آندائين. شاعرن تي اصلاحي ڪالم به لکيائين. حسرت موهاني شاعريءَ ۾ ’تسليم‘ جو شاگرد هو.
سندس تيرهن ديوان ’ڪليات حسرت‘ جي نالي سان 1914، 1951ع ۽ 1955ع ڌاري شايع ٿيا، سندس ڪليات ۾ اٺ سؤ غزل ۽ ست هزار شعر، (نظم ۽ گيت) شامل آهن.
حسرت موهاني سياست جي شروعات عليڳڙهه ڪاليج کان ڪئي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران سياست ۾ متحرڪ رهيو. اڪثر انتظاميه جي غلط پاليسين تي تنقيد ڪندو هو ۽ آزاديءَ جي تحريڪ دوران ڪيترا ڀيرا جيل ويو، سندس ڪيسن جي وڪالت سندس گهرواري ’بيگم حسرت‘ ڪندي هئي. حسرت موهاني تحريڪ آزاديءَ دوران هڪ خاص شخصيت ٿي اُڀريو. سندس سياسي خدمتن جو اعتراف، مهاتما گانڌي، مولانا محمد علي جوهر، پنڊت جواهر لال نهرو، سڀاش چندر بوس، مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘، ذاڪر حسين ۽ ٻين اڳواڻن به ڪيو آهي. هن 1951ع ۾ وفات ڪئي. حيدرآباد ۾ سندس نالي پٺيان هوم اسٽيٽ هال ۾ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي. حسرت موهاني لائبريري ضلعي حڪومت حيدرآباد جي ڪوشش سان قائم ڪئي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو