حسني قادري بچل شاھہ جيلاني

حسني قادري، بچل شاھہ جيلاني: حسني قادري، سخي بچل شاھہ جيلاني، سنڌ جو وڏو ولي ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي سنڌ ۽ هند ۾ وڏي هاڪ رهي آهي. سخي بچل شاھہ جيلاني، حسني قادري غوث اعظم دستگير پير عبدالقادر جيلانيرح جي سورهين پيڙهيءَ مان آهي. سندس جنم نورائي شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ تربيت جدي پشتي ڪامل والد ۽ والدہ جي هٿ هيٺ ورتائين. تعليم حاصل ڪرڻ بعد سنڌ کان سواءِ ڀڄ ۽ ڪڇ ۾ انسانيت جي اصلاح ۽ تبليغ لاءِ ڏورانهان سفر ڪيائين. سحر انگيز شخصيت هئڻ ڪري سندس درس مان متاثر ٿي، سوين ماڻهو دين جي طرف راغب ٿيا. ورهاڱي کان اڳ هندستان جي ڪڇي سومرن جا 700 گهر سندس هٿ تي اسلام قبول ڪري، سندس معتقد ٿيا، جن جا ڳوٺ اڄ بہ بدين ضلعي ۾ موجود آهن. پير صاحب وڏو سخي ۽ نهٺو عالم هو. سوالي وٽانئس خالي هٿين واپس نہ موٽندو هو. پراوا قرض بہ ادا ڪري ڇڏيندو هو.
سندس وفات 29 ربيع الآخر 1310ھہ/20 نومبر 1892ع تي درگاھہ نورائي شريف ۾ ٿي ۽ سندن مزار اُتي ئي واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.11.20  عيسوي

سندس وفات 29 ربيع الآخر 1310هه/20 نومبر 1892ع تي درگاهه نورائي شريف ۾ ٿي ۽ سندن مزار اُتي ئي واقع آهي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ حسن بصري
خواجہ محمد حسن رح لنواريءَ وارو
حَسان بن ثابت
زيد بن حارث رضہ
حاجي عبدالرحيم لغاري
خواجہ محمد اشرف ويهڙائي
زبيررضه
ڪڙيو شيخ
خواجہ گل محمد
عثمان غني رضہ
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون