حسني قادري حاجي شاھہ جيلاني

حسني قادري، حاجي شاھہ جيلاني: حسني قادري سيد عبدالقادر المعروف حاجي شاھہ جيلاني، حسني قادريءَ، نورائي شريف ۾ سيد سخي بچل شاھہ رح جي گهر، 9 ذوالحج جي ڏينهن تي جنم ورتو. سيد حاجي شاھہ غوث اعظم دستگير ’بادشاھہ پير‘ جي سترهين پيڙهيءَ مان، وقت جو وڏو داناءُ، سخنوَر ۽ ولي هو. سندس ولادت جيئن تہ 9 ذوالحج تي ٿي هئي، ان ڪري کيس حاجي شاھہ سڏيندا هئا. شريعت جو پابند هو ۽ اڪثر وقت زهد، تقويٰ ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو. ننڍي هوندي ئي سندس شھرت هنڌين ماڳين هُلي وئي. غير اخلاقي ۽ غير شرعي بيهودي ڳالهين تي سخت ناراض ٿيندو هو. روايت موجب هڪ دفعي سيوهڻ ۾ حضرت لعل شهبازرح جي درگاھہ تان حاضريءَ بعد اتي مسجد ۾ ذڪر ۾ مصروف هو تہ ڪيترا ماڻهو سندس آمد جو ٻُڌي اچي گڏ ٿيا، جن ۾ هڪ فاحشه بہ هئي، جا سر جهڪائي نوِڙت سان ويٺي هئي. پير صاحب کانئس پڇيو ته، ”مائي! تون هتي مردن ۾ ڇو ويٺي آهين؟“ مائيءَ وراڻيو ته، ”سائين اوهان جهڙي نيڪ ٻانهي جو ٻڌي آئي آهيان، اوهان جي قدمن ۾ ويهڻ چاهيان ٿي تہ متان مون بدڪار جي قسمت بدلجي پوي.“ اهو ٻڌي پير صاحب وراڻيو، ”مائي پوءِ بُري پيشي سان واسطو ڇو ٿي رکين؟“ مائيءَ وراڻيو، ”سائين، خانداني پيشو اٿم، سو ڇڏيندي شرم ٿو اچي!“ اهو ٻڌندي پير صاحب دانهن ڪئي ۽ بيهوشيءَ جي ڪيفيت ۾ اچي ويو ۽ مٿو منبر سان لڳائي خاموش ٿي ويو. سڀ ماڻهو سڪتيءَ ۾ اچي ويا تہ پير صاحب کي الائي ڇا ٿيو. مائيءَ ڊڄندي ڊڄندي پير صاحب کي چيو، ”سائين! مون گناهگار کان ڪهڙي خطا ٿي، جو اوهان تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي؟“ پير صاحب ڪجهہ دير بعد ڳالهايو ۽ چيائين، ”مائي، ڏوھہ تنهنجو ناهي، پر تو مون کي پنهنجو خانداني پورهيو ياد ڏياري ڇڏيو. مون پنهنجو سھڻو خانداني پورهيو ڇڏي ڏنو... جيتوڻيڪ توکي پنھنجي بُري ڪم ڇڏڻ تي بہ ندامت ٿئي ٿي!“ پير صاحب جي اهڙي گفتگوءَ جو مائيءَ سميت سمورن ماڻهن تي گهرو اثر ٿيو ۽ چون ٿا تہ اها عورت اڳتي هلي هڪ عارف خاتون بڻجي وئي.
حاجي شاھہ جيلاني وفات واري رات پهرين مريدن، ڳوٺ وارن ۽ پوءِ گهر وارن کي سڏي اهم وصيعتون ۽ نصيحتون ڪيون ۽ پنھنجي فرزند کي ياسين شريف پڙهڻ لاءِ چيو ۽ ڪلمهء شهادت پڙهي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سيد حاجي شاھہ حسني قادريءَ جو وصال 19 شوال 1363ھہ تي ٿيو. سندس مزار درگاھہ نورائي شريف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1363.10.19  هجري

حاجي شاهه حسني قادريءَ جو وصال 19 شوال 1363هه تي ٿيو. سندس مزار درگاهه نورائي شريف ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اليگزينڊر ڪننگهام
خان عبدالغفار خان
آشا درگاپوري
عبدالرزاق ميمڻ ڊاڪٽر
اسماعيل چانڊيو
پير علي بخش شاھہ علڻ ڀٽائي
رحيم بخش بدوي
پير نور شاھہ هاشمي
الھداد جهنجهي
چاڳلا غلام علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون