حسني قادري پير غلام شاھہ جيلاني

حسني قادري، پير غلام شاھہ جيلاني: جماعت قادريه جيلانيه جي روحاني پيشوا، بزم جيلاني سنڌ ۽ جميعت مشائخ اهلسنت پاڪستان جي سرپرست حسني قادري، پير غلام شاھہ جيلاني، 5 جون 1945ع تي نورائي شريف ۾ جنم ورتو. نورائي شريف حيدرآباد کان 30 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. سندس نسب جو سلسلو حضرت غوث اعظم دستگير عبدالقادر جيلانيرح سان ملي ٿو. پير صاحب ابتدائي تعليم ۽ تربيت والد بزرگوار کان حاصل ڪئي، بعد ۾ سنڌ جي مڃيل عالمن کان درگاھہ نورائي شريف ۽ درگاھہ اميناڻي، ضلعي دادوءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد مفتي خليل احمد برڪاتيءَ وٽان مدرسہ احسن البرڪات، حيدرآباد مان درس نظامي مڪمل ڪيو. هن طريقت ۽ تصوف جون رمزون پنھنجي والد کان حاصل ڪيون. سندن طبيعت ۾ ابتدا کان وٺي صفائي سٿرائي ۽ نفاست شامل رهي. ننڍيءَ عمر کان ئي جلسن ۾ خطاب ڪندو هو ۽ جوانيءَ تائين پهچندي وڏن خطيبن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس وعظ عام ماڻهن جي اصلاح، انسان دوستيءَ لاءِ رغبت، صفائي ۽ پاڪائيءَ جي تعليم، خوف الاهيءَ ۽ عشق مصطفيٰ صلي عليہ وسلم جي ترغيب تي مشتمل رهيو آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ سندس معتقد ۽ پوئلڳ موجود آهن. ان کان سواءِ سندن معتقدن جو چڱو تعداد پاڪستان سميت، سعودي عرب، دبئي، يورپ ۽ آمريڪا وغيرہ ۾ موجود آهي. پير صاحب سدائين سماجي سُڌاري ۽ انسانيت جي ڀلائيءَ ۽ دين جي خدمت جو درس ڏنو آهي. پير صاحب بھترين شاعر ۽ اديب آهي. سندس شاعريءَ ۾ نج سنڌي ٻولي روانيءَ سان استعمال ٿيل آهي. پير صاحب بزم جيلاني سنڌ جو بنياد وجهي، طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ڪرائيندا رهن ٿا، جنهن ۾ سنڌ جا نالي وارا شاعر شرڪت ڪندا رهيا آهن. سندس شاعريءَ جي تعريف ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، امداد حسيني ۽ رسول بخش پليجي ڪافي لکيو آهي.
پير غلام شاھہ جيلاني ملڪ ۾ اخلاقي قدرن کي هٿي وٺرائڻ، مذهب ۽ مسلڪ جي درست تشريح ڪرڻ ۽ براين خلاف عملي ڪم ڪندو رهيو آهي. هن ’جميعت مشائخ اهلسنت پاڪستان‘ جو بنياد وجهي، روحانيت ۽ حقيقي ديني خدمت جو ڪم جاري رکيو آهي. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف درگاهن ۽ درسگاهن تي وڃي گادي نشينن ۽ روحاني پيشوائن سان ملاقاتون ڪري معاشري جي براين خلاف ڪيترا سيمينار، ڪانفرنسون ۽ جلسا ڪرايا آهن. انسانيت جي اصلاح لاءِ مهيني ۾ ٻہ ڀيرا تبليغي جلسو، هر اسلامي مهيني جي چوڏهين تاريخ درگاھہ نورائي شريف ۾ ستاويهين تاريخ خانقاھہ عاليه جيلاني هائوس مڪليءَ ۾ منعقد ڪرائيندو آهي. اهڙن سالياني اجتماعن ۾ هزارين عقيدتمند شريڪ ٿيندا آهن ۽ سندن کاڌ خوراڪ جو انتظام پير صاحب خود ڪندو آهي. پير صاحب جي ذاتي ڪوششن سان مدرسہ جامع زين العلوم قادريه جيلاني مڪلي، جو قيام ٿيو، جتي گذريل 45 سالن کان امير ۽ غريب جي فرق کان سواءِ ٻارن کي مفت ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. سندس هدايتن تي جماعت جي ڪيترن ڳوٺن ۾ مدرسا بہ قائم ٿيا آهن. هن بزرگ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) بياضِ پير (ٻہ حصا)، (2) جيڪي ڏٺو اسان (سفرنامو)، (3) ديوان پير، (4) گنبذ خضريٰ، (5) نعتون منهنجي نبيءَ جون، (6) اسـان جـي راز جـون ڳـالـهيـون، (7) مـنـاجـاتـون، (8) سـنڌ جـو غدار ڪير؟ (9) آداب زندگي، (10) خطبات جيلاني، (11) خطباتِ پير، (12) نعتين حضورصه ڪي (اردو) وغيرہ شامل آهن. ان کان سواءِ سندس سرائيڪي ۽ اردو ڪلام سميت ڪي ٻيا ڪتاب ڇپائيءَ جا منتظر آهن. پير صاحب جو نالو سنڌ دوست عالمن ۽ مشائخن ۾ سرفهرست آهي. پنھنجي خطبن توڙي لکڻين ۾ سنڌ جي حقن ۽ ان جي اهميت کي بيان ڪندو رهيو آهي. گڏوگڏ مذهبي جي نالي تي دهشتگردي، خودڪش حملن ۽ بنياد پرستيءَ خلاف پرچار ڪندو رهيو آهي.حسني قادري، پير غلام شاھہ جيلاني 7 جون 2017ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.06.05  عيسوي

جماعت قادريه جيلانيه جي روحاني پيشوا، بزم جيلاني سنڌ ۽ جميعت مشائخ اهلسنت پاڪستان جي سرپرست حسني قادري، پير غلام شاهه جيلاني، 5 جون 1945ع تي نورائي شريف ۾ جنم ورتو.


2017.06.07  عيسوي

حسني قادري ،پير غلام شاهه جيلاني 7 جون 2017ع تي وفات ڪئي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ محڪم الدين سيراني
ڇُٽو سيد ۽ ميان ڇَتو
عزير عليہ السلام
خواجہ حسن جان
خيرالدين شاھہ بغدادي
عبدالله بن ارقم رضہ
عمر بن عبدالعزيز
امام حسن عليہ السلام
حمزو بن عبدالمطلب رضہ
زڪريا عليہ السلام
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون