حسن اي شيخ

حسن اي شيخ : پاڪستان جي آزاديءَ واري تحريڪ جو ڪارڪن ۽ قانوندان حسن. اي شيخ 12 جنوري 1912ع تي مهاراشتر، هندستان جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1937ع ۾ بمبئيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. جنهن بعد 1941ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو. صوبائي سطح تي مسلم ليگ بمبئيءَ جو پهرين جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پوءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1946ع ۾ عام چونڊن ۾ قائداعظم جو پولنگ ايجنٽ ٿيو ۽ بمبئيءَ جي پارلياماني بورڊ جو چيئرمئن ٿي رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هيءُ ڪراچيءَ آيو. سيپٽمبر 1947ع ۾ دستور ساز اسيمبليءَ جو صدر ۽ قائد اعظم جو پرائيوٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. قائد اعظم جي وفات کانپوءِ مولوي تميزالدين خان اسيمبليءَ جو صدر ٿيو، تڏهن ان جو بہ پرائيوٽ سيڪريٽري رهيو. دستور ساز اسيمبليءَ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ ۾ مقرر ٿيو. جنرل ايوب خان جڏهن قومي اسيمبليءَ کي ختم ڪيو، تڏهن 1958ع ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مهاجرن جي آبادڪاريءَ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. 1960ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي وري وڪالت شروع ڪيائين ۽ مسلم ليگ ڪائونسل ۾ ميمبر جي حيثيت سان مقرر ٿيو. 1965ع جي صدارتي چونڊن ۾ محترمہ فاطمہ جناح جي چيف اليڪشن ايجنٽ طور ڪم ڪيائين. پاڻ بہ ڪراچيءَ جي متحدہ مخالف ڌر جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ يحيى خان جي مارشل لا تائين اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 1970ع ۽ 1971ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر رهيو، 1985ع ۽ 1988ع ۾ سينيٽ جو ميمبر رهيو. شيخ حسن 1994ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.01.12  عيسوي

حسن. اي شيخ 12 جنوري 1912ع تي مهاراشتر، هندستان جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
صمه حاڪم سنڌ
مولانا محمد علي سنڌي
زين نوراني
ابڙو طارق عالم
پارس حميد
صبح صادق کوسو مير
ڀرڳڙي ڊاڪٽر محمد بخش
عطيہ فيضي
سيد ميرڪ يوسف سبزواري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون