حسن بادشاھہ قادري: بزرگ بادشاھہ قادري'>حسن بادشاھہ قادري ولد سيد عبدالله 1023ھہ/1614ع ڌاري ٺٽي ۾ جنم ورتو. سندس شجرو چوڏهن واسطن سان حضرت سيد عبدالرزاق بن حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيرح سان ملي ٿو. هن بزرگ پنھنجي گهر مان ئي تعليم حاصل ڪئي. سورهن سالن جي عمر ۾ درسي علم مڪمل ڪيائين. 17 سالن جي عمر ۾ سلوڪ جي منزل طئي ڪيائين. هي بزرگ پنھنجي والد جي هٿ تي بيعت ڪري سلسلي قادريه ۾ داخل ٿيو. والد جي وفات کانپوءِ هن پنھنجي زندگي عبادت الاهيءَ ۾ گذاري. اسلام جي تبليغ لاءِ پوري هندستان جو سفر ڪيائين. ان سفر دوران ڪيترن ماڻهن کي دين ڏانهن راغب ڪيائين. هن بزرگ ڪافي مسجدون ٺهرايون. گجرات جي علائقي ڪاٺياواڙ ۾ بہ ڪيتريون مسجدُون هن جوڙايون ۽ اتان هيءُ بزرگ شاھجھان آباد ۽ لاهور آيو. ان بعد ڪابل، غزني ۽ هرات ۾ تبليغ ڪيائين. هن بزرگ 1115ھہ/1703ع ۾ وفات ڪئي.