حسن بخش شاهه صوفي: سنڌ جو مشهور صوفي سيد حسن بخش شاهه، 1262هه/ 1846ع ڌاري ڊٺڙي تعلقي شهدادپور ۾ جنم ورتو. سندس وڏن لاءِ چيو وڃي ٿو ته برهانپور مان لڏي سنڌ ۾ اچي مختلف علائقن ۾ رهيا. سندن پهريون ڳوٺ قاضي احمد ڀرسان هو، جتي سندن وڏن جون مزارون موجود آهن. سيد حسن بخش شاهه جي والد جو نالو پير گلزار علي شاهه هو، جيڪو حيدرآباد ڀرسان پير ڀاون شاهه جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، جتي سندس مزار به موجود آهي. سيد حسن بخش شاهه جي تعليم ۽ تربيت سندس ناني سيد سبحان شاهه ڪئي. سهن سنڌي، عربي، فارسي ۽ هنديءَ جي تعليم ورتي. کيس ننڍي هوندي کان ديني ۽ تاريخي ڪتابن سان دلچسپي هئي. ڪيترن صوفي شاعرن جا ديوان به سندس مطالعي هيٺ رهيا. ننڍي هوندي کان سادگي پسند، سنجيدو، رحمدل، سخي ۽ مهمان نواز هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ نينگريءَ سان سندس نينهن ٿيو، پر ظالم مائٽن پير صاحب کي سڱ ڏيڻ بدران نينگريءَ کي ماري ڇڏيو. هن واقعي هن جي زندگي بدلائي ڇڏي. مجازي عشق، حقيقي عشق ۾ تبديل ٿي ويو. محبوب جي جدائيءَ ۾ بيحال رهڻ لڳو ۽ سندس اندر جي اڌمن شاعريءَ جو روپ ورتو. پير حسن بخش جي شاعريءَ جو وڏو حصو ضايع ٿي ويو، سندس بچيل شاعري سندس سجاده نشين ۽ معروف شاعر سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ ترتيب ڏئي 1966ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ’ڪلام حسن بخش شاهه‘ جي نالي سان ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو.
پير حسن بخش شاهه اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن ۽ ملهن جي سرپرستي ڪندو هو. ڪيترا فنڪار سندس حاضريءَ ۾ رهندا هئا. اڪثر سندس اوطاق تي راڳ ويراڳ جي محفل متل هوندي هئي. سخي ايترا هئا، جو مريدن کا درگاهه جي لنگر خاني لاءِ مليل زمينون سوالين کي ڏئي ڇڏيندا هئا.
پير حسن بخش شاهه جون ٻه شاديون ٿيل هيون. سندس پهرين شادي پير علي بخش شاهه جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ٿيو، پر اهو گذاري ويو. سندس ٻي شادي اُڏيري لال جي سيدن مان ٿي، پر ان مان ڪو به اولاد نه ٿيس، ان ڪري پنهنجي ڀاڻيجي سيد ڏنل شاهه کي پُٽ بڻايائين ۽ اهو ئي سندس پهريون سجاده نشين ٿيو.
پير حسن بخش شاهه آخري عمر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ 7 جمادي الاول 1318 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه ڊٺڙي شريف ۾ آهي. سندس مقبرو عقيدتمندن ٺهرايو، جتي هر سال عرس ۽ ميلو لڳندو آهي.
سيد حسن بخش شاهه جي شاعريءَ ۾ تصوف ۽ توحيد جو رنگ موجود آهي. کيس شاهه جي رسالي سان دلي محبت هئي، ان ڪري سندس شاعري به سُرن تي چيل آهي. مقبول عوامي شاعر حمل فقير به سندس صحبتي هو. سيد حسن بخش شاهه جو ميلو قلندر شهباز، شاهه ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ميلن کان پوءِ سنڌ جو چوٿون نمبر وڏو ميلو آهي. حسن بخش شاهه جي عرس تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ سائين جي. ايم. سيد، مخدوم طالب الموليٰ، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻيا اديب شريڪ ٿيندا رهيا هئا. ڪجهه سال ادبي ڪانفرنسون بند ٿي ويون. هاڻي ٻيهر درگاهه جي سجاده نشين عارف الموليٰ جو فرزند سيد يار محمد شاهه عابد موليٰ ادبي ڪانفرنسون شروع ڪرايون آهن. سيد حسن بخش جا ڪلام سنڌ ۾ عام ڳاتا وڃن ٿا. هڪ ڪافي نما غزل پيش ڪجي ٿو:
گھڙي منجهه عشق جي درياءَ هلڻ هن پار مشڪل آ،
لنگهي تنهن حد لاحد کان، ٿيڻ مختيار مشڪل آ،
ڪري دنيا ترڪ يارو، ڪڍي سي لنگ لانگوٽيا،
ڇڏي سر ساهه جو سانگو، اچڻ اظهار مشڪل آ،
لاڳاپا لوڪ جا لاهي، ڇني سڀ يار يارانا،
ننگؤن نڪري ٿيڻ نانگو نسنگ نروار مشڪل آ،
حسن بخش هوش جون ڳالهيون، ڦٽا ڪر ڦند فڪرن جا،
بنا سودي صفا سر جي، ڏسڻ ديدار مشڪل آ.