حسن بخش شاھہ صوفي: سنڌ جو مشھور صوفي سيد حسن بخش شاھہ، 1262ھہ/ 1846ع ڌاري ڊٺڙي تعلقي شھدادپور ۾ جنم ورتو. سندس وڏن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ برهانپور مان لڏي سنڌ ۾ اچي مختلف علائقن ۾ رهيا. سندن پهريون ڳوٺ قاضي احمد ڀرسان هو، جتي سندن وڏن جون مزارون موجود آهن. سيد حسن بخش شاھہ جي والد جو نالو پير گلزار علي شاھہ هو، جيڪو حيدرآباد ڀرسان پير ڀاون شاھہ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، جتي سندس مزار بہ موجود آهي. سيد حسن بخش شاھہ جي تعليم ۽ تربيت سندس ناني سيد سبحان شاھہ ڪئي. سھن سنڌي، عربي، فارسي ۽ هنديءَ جي تعليم ورتي. کيس ننڍي هوندي کان ديني ۽ تاريخي ڪتابن سان دلچسپي هئي. ڪيترن صوفي شاعرن جا ديوان بہ سندس مطالعي هيٺ رهيا. ننڍي هوندي کان سادگي پسند، سنجيدو، رحمدل، سخي ۽ مهمان نواز هو. ڦوھہ جوانيءَ ۾ هڪ نينگريءَ سان سندس نينھن ٿيو، پر ظالم مائٽن پير صاحب کي سڱ ڏيڻ بدران نينگريءَ کي ماري ڇڏيو. هن واقعي هن جي زندگي بدلائي ڇڏي. مجازي عشق، حقيقي عشق ۾ تبديل ٿي ويو. محبوب جي جدائيءَ ۾ بيحال رهڻ لڳو ۽ سندس اندر جي اڌمن شاعريءَ جو روپ ورتو. پير حسن بخش جي شاعريءَ جو وڏو حصو ضايع ٿي ويو، سندس بچيل شاعري سندس سجادہ نشين ۽ معروف شاعر سيد شاهنواز شاھہ عارف الموليٰ ترتيب ڏئي 1966ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ’ڪلام حسن بخش شاھہ‘ جي نالي سان ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو.
پير حسن بخش شاھہ اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن ۽ ملهن جي سرپرستي ڪندو هو. ڪيترا فنڪار سندس حاضريءَ ۾ رهندا هئا. اڪثر سندس اوطاق تي راڳ ويراڳ جي محفل متل هوندي هئي. سخي ايترا هئا، جو مريدن کا درگاھہ جي لنگر خاني لاءِ مليل زمينون سوالين کي ڏئي ڇڏيندا هئا.
پير حسن بخش شاھہ جون ٻہ شاديون ٿيل هيون. سندس پهرين شادي پير علي بخش شاھہ جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ٿيو، پر اهو گذاري ويو. سندس ٻي شادي اُڏيري لال جي سيدن مان ٿي، پر ان مان ڪو بہ اولاد نہ ٿيس، ان ڪري پنھنجي ڀاڻيجي سيد ڏنل شاھہ کي پُٽ بڻايائين ۽ اهو ئي سندس پهريون سجادہ نشين ٿيو.
پير حسن بخش شاھہ آخري عمر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ 7 جمادي الاول 1318 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاھہ ڊٺڙي شريف ۾ آهي. سندس مقبرو عقيدتمندن ٺهرايو، جتي هر سال عرس ۽ ميلو لڳندو آهي.
سيد حسن بخش شاھہ جي شاعريءَ ۾ تصوف ۽ توحيد جو رنگ موجود آهي. کيس شاھہ جي رسالي سان دلي محبت هئي، ان ڪري سندس شاعري بہ سُرن تي چيل آهي. مقبول عوامي شاعر حمل فقير بہ سندس صحبتي هو. سيد حسن بخش شاھہ جو ميلو قلندر شهباز، شاھہ ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي ميلن کان پوءِ سنڌ جو چوٿون نمبر وڏو ميلو آهي. حسن بخش شاھہ جي عرس تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ سائين جي. ايم. سيد، مخدوم طالب الموليٰ، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻيا اديب شريڪ ٿيندا رهيا هئا. ڪجهہ سال ادبي ڪانفرنسون بند ٿي ويون. هاڻي ٻيهر درگاھہ جي سجادہ نشين عارف الموليٰ جو فرزند سيد يار محمد شاھہ عابد موليٰ ادبي ڪانفرنسون شروع ڪرايون آهن. سيد حسن بخش جا ڪلام سنڌ ۾ عام ڳاتا وڃن ٿا. هڪ ڪافي نما غزل پيش ڪجي ٿو:
گهڙي منجهہ عشق جي درياءَ هلڻ هن پار مشڪل آ،
لنگهي تنهن حد لاحد کان، ٿيڻ مختيار مشڪل آ،
ڪري دنيا ترڪ يارو، ڪڍي سي لنگ لانگوٽيا،
ڇڏي سر ساھہ جو سانگو، اچڻ اظهار مشڪل آ،
لاڳاپا لوڪ جا لاهي، ڇني سڀ يار يارانا،
ننگؤن نڪري ٿيڻ نانگو نسنگ نروار مشڪل آ،
حسن بخش هوش جون ڳالهيون، ڦٽا ڪر ڦند فڪرن جا،
بنا سودي صفا سر جي، ڏسڻ ديدار مشڪل آ.