حسن درس جو رسالو

حسن درس جو رسالو

حسن درس جو رسالو

حسن درس جو رسالو (ڪتاب): نئين ٽهيءَ جي سرواڻ شاعر، حسن درس جي شاعريءَ جو هي ڪتاب، سندس ونيءَ، ارم محبوب سهيڙيو آهي. رسالي جي ارپنا، حسن درس جي اولاد، روحل، ردم ۽ چيزل جي نانءِ ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪارِ مهتاب محبوب ۽ حسن جي ونيءَ ارم محبوب جا تاثرات شامل آهن، جڏهن تہ ڪتاب جو مهاڳ حسن درس جي دوست مسعود لوهار جو لکيل آهي.
رسالي جي ابتدا ۾ حمد، نعتون ۽ منقبتون ڏنل آهن، ۽ ان بعد شاعريءَ جون ٻيون صنفون- غزل، نظم، ٻہ سٽا، چؤسٽا، ڇھہ سٽا، بيت وغيرہ ڏنا ويا آهن ۽ آخر ۾ حسن درس جون پنهنجيون، سندس خاندان ۽ دوستن سان گڏ تصويرون بہ ڏنيون ويون آهن. رسالي جو وڏو حصو نظمن تي مشتمل آهي، ۽ حسن بنيادي طرح شاعر بہ نظم جو ئي هو. 432 صفحن (۽ تصويرن جي ٻارهن صفحن سميت) تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز ۽ جاذب نظر ٽائيٽل وارو هي ڪتاب ’انڊس فائونڊيشن‘ حيدرآباد ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 750 رپيا رکي وئي آهي.


لفظ حسن درس جو رسالوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو