حسن شاھہ جيلاني

حسن شاھہ جيلاني: سنڌ جي هن نامور بزرگ ۽ عالم جو جنم پنجاب جي ڳوٺ شير ڳڙھہ ۾ ٿيو. ابتدائي مذهبي تعليم پنجاب جي مختلف ديني مدرسن ۽ درسگاهن مان حاصل ڪيائين. روحاني علم حاصل ڪرڻ لاءِ بہ پنجاب جي مشھور ۽ معروف خانقاهن تي ويو، پر روحاني سڪون حاصل نہ ٿيڻ سبب پنجاب مان نراس ۽ نا اميد ٿي سنڌ جو رخ ڪيائين. سنڌ جي مختلف خانقاهن تان ٿيندو اٻاوڙي تعلقي جي مشھور ديني مدرسي راڄڻ پور ويجهو مائي سوائي جي گهر وٽان لنگهيو، جتي سنڌ جي ولين بابت پڇا ڪرڻ تي حضرت پير محمد راشدرحه جو ڏس مليو، جيڪو ان وقت سموري سنڌ ۾ مشھور هو. ڪن روايتن موجب اها بہ ڄاڻ ملي ٿي تہ جڏهن سيد محمد حسن شاھہ جيلاني مرشد جي ڳولا ۾ ڏهرڪيءَ جي ويجهو پهتو تہ هڪ عالمِ دين مولوي آفتاب احمد کيس حضرت سيد محمد راشدرحه جي صحبت ۾ حاضر ٿيڻ جو مشورو ڏنو. جنهن تي پاڻ ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي پهچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. ڪجهہ وقت مديني ۾ قيام ڪرڻ کانپوءِ واپس سنڌ اچي حضرت پير محمد راشد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. جنهن جي صحبت ۾ رهي ڇھن مهينن جي مختصر عرصي ۾ تمام ذڪر اذڪار ۽ روحاني فيض حاصل ڪيائين. ڪجهہ عرصو، پنھنجي مرشد جي صحبت ۾ گذارڻ کانپوءِ حضرت پير جي حڪم سان سُئي شريف ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. سندس آمد کانپوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ سوئي ۾ سندس مريدن جو تعداد وڌي ويو. ڏوراهين علائقن مان لکن جي تعداد ۾ ماڻهو سندس علم مان فيضياب ٿيڻ لاءِ ايندا رهيا. هيءُ بہ سندس صحبت مان فيضياب ٿيو. هيءُ پير سيد محمد راشد جي اهم خليفن مان هو. هن تاريخ 26 ذوالحج 1254ھہ/12 مارچ 1839ع تي وفات ڪئي. سندس مزار سوئي شريف ڳوٺ ۾ آهي.


لفظ حسن شاھہ جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1839.03.12  عيسوي

حسن شاهه جيلاني تاريخ 26 ذوالحج 1254هه/12 مارچ 1839ع تي وفات ڪئي. سندس مزار سوئي شريف ڳوٺ ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباسي مخدوم عطا محمد
سيد محمد مبارڪ جيلاني
عبدالقادر سيوهاڻي مولانا
احمد بن محمد المنصوري
سيد مراد علي بکري
نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر
رشدالله شاھہ راشدي علامہ
پاٽائي دين محمد مخدوم
عبدالله بن وهب علامہ
حافظ محمد يوسف ٽکڙائي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون