
شيخ حسن
حسن شيخ : سنڌي ۽ اردو فلمن جو ناليوارو هدايتڪار ۽ اداڪار شيخ حسن، 14 مئي 1922ع تي بمبئيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ انجنيئر هو، سندس ماءُ پيءُ جي عام والدين وانگر خواهش هئي تہ هيءُ لکي پڙهي انجنيئر ٿئي. جڏهن تہ ان وقت بمبئيءَ ۾ سندس گهر جي ڀرسان فلمي نگار خانا هئا، جتي ڪيتريون ئي فلمون ٺهنديون هيون. نائون ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوءِ هي هڪ فلمساز اداري ‘رنجيت فلمز’ ۾ 20 روپيا ماهوار تي ملازم ٿيو، جڏهن هي فلمي دنيا ۾ آيو تہ سندس نالي سان ملندڙ جلندڙ ٻيا بہ ڪيترائي ناميارا ماڻهو هئا. هن چاهيو تہ جيڪر هو پنهنجو نالو مٽائي، جيئن ان زماني ۾ اڪثر ٿيندو هو، پر هن کي ساٿين ائين ڪرڻ کان روڪيو. سندس پهرين فلم ‘نرس’ هئي، جيڪا 1943ع ۾ ٺهي، جنهن ۾ خورشيد هيروئن هئي، جڏهن تہ ارون پرڀا ۽ انيل ڪماريءَ اهم رول ادا ڪيا. پر ان کان اڳ هن ‘حاتم طائي’ فلم ۾ ننڍڙو رول ڪيو، اها فلم 1937ع ۾ ٺھي هئي. شيخ حسن جي مختصر ڪردار ماڻهن کي متوجهہ ڪيو. ترت رنجيت فلمز اداري 1944ع ۾ ‘ڪاروان’ نالي فلم ٺاهي، جنهن ۾ هن کي مکيہ ڪردار مليو. ان کان پوءِ ’پرڀو ڪا گهر‘ جيڪا بابو راءِ پٽيل جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺهي، انهي فلم ۾ ڪم ڪيائين. اهڙيءَ طرح رنجيت فلمز وارن جون ڪافي فلمون ٺهيون، جن ۾ کيس اهم ڪردار ملندا رهيا. 1947ع ۾ انهيءَ ڪمپنيءَ جون ٻہ فلمون ‘ڇين لي آزادي’ ۽ ‘وه زميندار ’ آخري فلمون هيون. هندستان ۾ ‘رڪشا والا’ ۽ ‘گورک’ مشھور فلمون هيون. هن پهريون ڀيرو فلم ‘قرباني’ ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيو تہ مشھور سنڌي هدايتڪار داد دريائيءَ سندس تعريف ڪئي. ‘قرباني’ فلم کانپوءِ سندس وڏو نالو ٿيو ۽ هن ‘دک سک’، ‘گوالن’، ‘شهنشاھہ بابر’، ‘پرديسي’، ‘پجارن’، ‘ڪون ڪسي ڪا’، ‘مهمان’، ‘واھہ ري زمانا’، ‘تان سين ’ ، ‘ڇين لي آزادي’، ‘لاکون ۾ ايڪ‘ ۽ ‘بڇڙي بالم‘ ۾ اداڪاريءَ کان سواءِ معاون هدايتڪار طور پڻ ڪم ڪيو. 1947ع ۾ ورهاڱي وقت ڪيترائي فساد ٿيا، پوءِ بہ شيخ حسن تڪڙو پاڪستان اچڻ جو ارادو ڪو نہ ڪيو، سندس خيال هو تہ سندس شناخت وري بہ انڊين سئنيمائن ۾ رهندي، پر پاڪستان فلم انڊسٽريءَ کي شيخ حسن جي ضرورت محسوس ٿي، تنهنڪري مسلمان فلمي سرمائيڪارن کيس پاڪستان گهرائي ورتو ۽ هتي اچي هن 1949ع ۾ وهاب پڪچرز جي فلم ‘شھناز’ کي ڊائريڪٽ ڪيو. هن فلم ۾ بيگم مھا پارا ۽ الطاف مکيہ اداڪار هئا، پر اها فلم ڪامياب نہ ٿي. ان ڪري پاڻ واپس هندستان هليو ويو. 1953ع ۾ خواجہ خادم حسين اردو فلم ‘برکا‘ ٺاهي تہ ان جو ڊائريڪٽر شيخ حسن هو. ان کانپوءِ هن ترت سنڌي فلمن ڏانهن ڌيان ڏنو، ان زماني ۾ حسين شاھہ فاضلاڻي سنڌي فلم ‘عمر مارئي’ ٺاهي رهيو هو، جنهن جي هدايتڪاري شيخ حسن کي ملي. هن فلم ۾ گهڻا نوان چهرا کنيا ويا، جن ۾ رڳو نور محمد لاشاري پراڻو اداڪار هو، پر سنڌي فلم ۾ پهريون ڀيرو اچي رهيو هو. ان کانسواءِ فاضلاڻي، مصطفى قريشي وغيرہ نوان هئا. شيخ حسن جو سنڌي فلمون ٺاهڻ ۾ وڏو هٿ رهيو آهي، شيخ حسن پاڪستان جو واحد اداڪار هو، جنهن ڏکين حالتن ۾ سنڌي فلمن ٺاهڻ جو آغاز ڪيو، عمر مارئيءَ کي اردوءَ ۾ ڊب ڪيائين، پر اها ايترو ڪامياب نہ ٿي سگهي. ان کانپوءِ ‘شھرو فيروز’، ‘نوري ڄام تماچي’، ‘مهراڻ جا موتي’ وغيرہ ٺاهيائين. هي سنڌي ثقافت ۽ تاريخ کان ڏاڍو متاثر ٿيو، انهيءَ سلسلي ۾ هن ‘جاگ اٺا انسان‘ نالي هڪ فلم ٺاهي، جيڪا انگريزن جي خلاف هئي ۽ ان فلم ۾ محمد علي مکيہ ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ هن جون ڪافي فلمون آيون، جن ۾: ‘هماري زبان’ (1965ع)، ‘پرائي زمين’، ‘لاکون افساني’، ‘جهڪ گيا آسمان’، ‘گاتا جائي بنجارا‘ ۽ ‘ٽرڪ ڊرائيور’ شامل آهن. هن جي فلمن ۾ رومانس ۽ تاريخ جي وابستگي گهڻي رهي. هن فلمي دنيا ۾ کوڙ نوان چهرا متعارف ڪرايا. شيخ حسن پنھنجي آخري وقت ۾ بلڪل تنھا ٿي ويو ۽ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذاريائين. هن 27 سيپٽمبر 2009ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.
1922.05.14 عيسوي
حسن شيخ 14 مئي 1922ع تي بمبئيءَ ۾ ڄائو.
2009.09.27 عيسوي
حسن شيخ 27 سيپٽمبر 2009ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.