حسن علي واھہ: هيءُ واھہ، گوني تعلقي ۾ ڪاتيارن ويجهو ڦليليءَ جي وهڪري گاجيا واھہ ڏانهن سڌي لائين ۾ وهي ٿو. گاجيا واھہ کي چوويهن ميلن وٽ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ مٿيون حصو ارڙهين ميل وٽ لهواري پاسي وٽان ڦليليءَ مان پاڻيءَ کڻندو رهي ٿو. هن واھہ کي حسن علي واھہ ذريعي پاڻي پھچايو وڃي ٿو. هن واھہ جي ڪل ڊيگهہ 35 ميل آهي ۽ ان جي شاخن جي گڏيل ڊيگهہ 63 ميل آهي. 05-1904ع ۾ نيڪال ٿيندڙ پاڻيءَ جو سرسري وهڪرو 489 ڪيوسڪ هو. هن تي سالياني پوکجندڙ ايراضي 11 هزار 259 ايڪڙ آهي، جنهن مان اٽڪل 75 سيڪڙو ايراضي وهڪري تي آباد ٿئي ٿي.