حسن مشتاق انڍڙ: محمد حسن مشتاق انڍڙ، 26 جون 1927ع تي ڳوٺ الهيار انڍڙ ۾ مشهور ماڳ ناري همٿي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. سٺو شاعر ۽ نثر نويس هو. پرائمري استاد طور سندس تعليمي خدمتن جي وڏي مڃتا آهي، پنهنجي علائقي ۾ علم جي جوت جلايائين، هن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ادب اسڪيم ۾ به ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪافي ميڙا چونڊي ۽ تحقيق ڪئي، سندس ٻه ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) ’سوانح حضرت موسيٰ نوابرحه‘۽ (2) ’تاريخ قبيله انڍڙ: (اردو ۽ سنڌي).
1927.06.26 عيسوي
محمد حسن مشتاق انڍڙ، 26 جون 1927ع تي ڳوٺ الهيار انڍڙ ۾ مشهور ماڳ ناري همٿي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.