حسن وساڻ

حسن وساڻ

حسن وساڻ

حسن وساڻ: ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ محمد حسن ولد بھارو خان وساڻ، 4 اپريل 1944ع تي سانگهڙ ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم سانگهڙ مان حاصل ڪيائين. ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1966ع ڌاري گريجوئيشن ڪيائين. ان کانسواءِ مختلف سماجي تنظيمن جي تربيتي پروگرامن ۾ پڻ شريڪ رهيو. هن جرمنيءَ مان اعليٰ زرعي تربيتي ڪورس CRS+SAP پڻ ڪيو. حسن وساڻ 1993ع کان لکڻ شروع ڪيو. روزاني اخبارن ’جاڳو‘، ’برسات‘، ’ڪاوش‘ ۽ عوامي جمهوري فورم ۾ سندس ڪالم/مضمون شايع ٿيندا رهيا. هن خاص ڪري سماجي مسئلن سميت فلم، موسيقي، ٿيٽر، فائن آرٽس ۽ فلسفي جي موضوع تي لکيو آهي. مختلف سماجي تنظيمن جي پراجيڪٽن ۾ عملي ڪم ڪيو . ان کان علاوہ عورتن جي ڀلائي واري تنظيم (R.W.W.O) سانگهڙ جو فيلڊ آفيسر پڻ رھيو. مختلف سيمينارن ۽ تربيتي ورڪشاپن جي سلسلي ۾ هي انگيلنڊ جرمني، سريلنڪا ۽ فلپائن وغيرہ جا دورا پڻ ڪيا. حسن وساڻ 25 نومبر 2017ع تي وفات ڪئي.


لفظ حسن وساڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.04.04  عيسوي

ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ محمد حسن ولد بهارو خان وساڻ، 4 اپريل 1944ع تي سانگهڙ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنت بابا هريرام
رشيد بن زبير قاضي
غلام علي ميمڻ
فيض جوکيو
رشيد صابر
ابولهب
خليفو محمد سجاول خان
سيد محمد عالم شاھہ عالم
ابنِ اسحاق
پير شاھہ ڪوثر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون