حسن وساڻ

حسن وساڻ

حسن وساڻ

حسن وساڻ: ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ محمد حسن ولد بهارو خان وساڻ، 4 اپريل 1944ع تي سانگهڙ ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم سانگهڙ مان حاصل ڪيائين. ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1966ع ڌاري گريجوئيشن ڪيائين. ان کانسواءِ مختلف سماجي تنظيمن جي تربيتي پروگرامن ۾ پڻ شريڪ رهيو. هن جرمنيءَ مان اعليٰ زرعي تربيتي ڪورس CRS+SAP پڻ ڪيو.
حسن وساڻ 1993ع کان لکڻ شروع ڪيو. روزاني اخبارن ’جاڳو‘، ’برسات‘، ’ڪاوش‘ ۽ عوامي جمهوري فورم ۾ سندس ڪالم/مضمون شايع ٿيندا رهيا. هن خاص ڪري سماجي مسئلن سميت فلم، موسيقي، ٿيٽر، فائن آرٽس ۽ فلسفي جي موضوع تي لکيو آهي. مختلف سماجي تنظيمن جي پراجيڪٽن ۾ عملي ڪم ڪيو اٿائين. اڄڪلهه عورتن جي ڀلائي واري تنظيم (R.W.W.O) سانگهڙ جو فيلڊ آفيسر آهي. مختلف سيمينارن ۽ تربيتي ورڪشاپن جي سلسلي ۾ هي انگيلنڊ جرمني، سريلنڪا ۽ فلپائن وغيره جا دورا ڪري چڪو آهي.


لفظ حسن وساڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.04.04  عيسوي

ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ محمد حسن ولد بهارو خان وساڻ، 4 اپريل 1944ع تي سانگهڙ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جئسنگهاڻي شنڀو
اشوڪا
سراج
سيد مقبول حسين موسوي
امام اوزاعي سنڌي
پيرزادو حاجي محمد
ابوبڪر سڌايو
استاد حيدري
ايلي ڪاٽ علي گوهر
احمد ميان سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون