حسن پٽ رڪن الدين خطاط

حسن پٽ رڪن الدين (خطاط): حسن پٽ رڪن الدين، ترخان دور جو مشھور خطاط هو. مرزا عيسيٰ ترخان ٻئي جي مقبري تي قرآني آيتن جي خطاطيءَ جو ڪم سندس حوالي هو. قلمڪاريءَ جي فن ۾ پنھنجي وقت جو بيمثال ڪاريگر هو. مڪليءَ مان 973ھہ/ 1566ع جي لکيل سندس پراڻي تحرير لڌي وئي آهي. مڪليءَ جي قبرن جي پٿرن تي گهڻيون تحريرون هن سان لاڳاپيل آهن.
سندس آخري خطاطي ٺٽي جي شاھہ جھان مسجد جي قبي جي ڇت تي ڪيل آهي، جيڪا 1068ھہ/1658ع جي آهي.
هن پورا 90 سال خطاطي ڪئي. تاريخي حوالي سان معلوم ٿئي ٿو تہ سندس عمر هڪ سو ورهين کان مٿي هئي.
مٿي ڄاڻايل ذريعن مان ڄاڻ ملي ٿي تہ هو تمام پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هو ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌ جي فوج ۾ شامل ٿيو. سندس پٽ طاهر جڏهن تاريخ طاهري لکي رهيو هو، تن ڏينهن ۾ بہ هو زندہ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو