حسيءَ وارو ڀڙو: هيءُ ماڳ دڙي جي صورت ۾ شھدادڪوٽ شھر کان اتر طرف شھدادڪوٽ ڳڙهي خيري روڊ جي کاٻي پاسي اٽڪل 5 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. دڙي جي اوچائي اٽڪل 30 فوٽ کن ٿيندي. هن دڙي جي اتر ۾ ’شاھہ جي ڪور‘ وهندي رهي ٿي. دڙي جي سڀ کان اوچي حصي تي حسي نالي هڪ عورت جو ڪوٽ هو، جنهن کي ’حسيءَ جو ڪوٽ‘ سڏيو ويو. ان ڪوٽ جون ڀتيون اڃا تائين دڙي جي مٿاڇري تي موجود آهن. عوامي روايتن مطابق انهيءَ ڪوٽ ۾ آخري آبادڪاريءَ جا اهڃاڻ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ موجود هئا. حسيءَ واري ڀڙي تان شيشي جا ٽڪرا، ٺڪريون، سرون، لوھہ جا ذرڙا ۽ چوڙين جا ٽڪر جام ملن ٿا. دڙي جي پکيڙ ڪافي معلوم ٿئي ٿي ۽ ان جي اتر ۽ اوڀر واري پاسي کان هڪ ڍنڍ جا ڦِٽل اهڃاڻ بہ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن جي پيٽ ۾ ليون، لاڻا ۽ ٻيا جهنگلي گاھہ ۽ ٻوٽا جهجها ڦُٽي پيا آهن. ماضيءَ ۾ هي ڍنڍ پکين جي شڪار لاءِ اهم ٿاڪ هو، ان ۾ مڇي بہ جام مرندي هئي. هتي بہ حسيءَ واري ڀڙي مٿان هڪ ڊٺل ڪوٺيءَ سان گڏ هڪ شاهي گهٽيءَ جا آثار بہ ملن ٿا.