
حسينيءَ جي هاڪ
حسينيءَ جي هاڪ (ڪتاب): شاھہ لطيف جي ٻہ سؤ سٺهين (260) عرس جي موقعي تي پڙهيل مقالن جو هي ڪتاب، نامياري اديب تاج جويي ترتيب ڏنو آهي. شاھہ جي رسالي جي سُر حُسينيءَ سان لاڳاپيل مختلف عنوانن تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر گل حسن لغاري، عنايت ﷲ زنگيجي، پروفيسر موهن لال، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، الھنواز رڪڻائي، رکيل مورائي ۽ ٻين اديبن جا سُر حُسينيءَ جي سنگيت، صرفي ۽ نحوي ترڪيبن، ٻوليءَ، فڪري پهلوئن، پهاڪن جي استعمال، لغات، اسلامي روايتن سان لاڳاپي، لفظي حسناڪيءَ ۽ واقعاتي اهڃاڻن وغيرہ تي سنڌيءَ ۾ ويهارو مقالا شامل آهن. ان کان سواءِ هڪ خاص مقالو ڊاڪٽر پروفيسر ممتاز ڀُٽو جو ’شاھہ جي دور ۾ سنڌ جي سياسي ۽ علمي حالت‘ بابت بہ ڇپيل آهي. ان کان سواءِ ڪتاب ۾ پروفيسر آفاق صديقي ۽ مرزا ڪاظم رضا بيگ جا اردوءَ ۾ ٻہ مقالا: ’سر حسيني پر ايڪ نظر‘ ۽ ’سُر حسيني ڪا فلسفہ‘ ۽ هڪ فارسي مقالو پروفيسر ڊاڪٽر قاسم صافيءَ جو بہ شامل آهي. ڊيمي سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي ۽ ڪتاب سيد انوار حيدر، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتي، شاھہ صاحب جي 261 هين عرس جي موقعي تي مارچ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.