حسيني عبدالله شاھہ

حسيني، عبدالله شاھہ: هن بزرگ جو اصلي نالو عبدالله هو، پر عقيدتمند کيس عبدالله حسينيءَ جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس خاندان جو شجرو شيخ عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو. هيءُ بزرگ 1521ع ڌاري مرزا شاھہ حسن بيگ ارغون جي زماني ۾ گجرات کان ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي عبادت ۽ رياضت ڪري ڪيترا معتقد پيدا ڪيائين. عمر جي آخري وقت ۾ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، جتي سندس مزار واقع آهي، جتي هر سال وڏو ميلو ٿئي ٿو. هن جي مقبري جي پٺيان (اتر طرف) مير طاهر محمد، تاريخ طاهريءَ جي لکندڙ جي مزار موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو