حسين آباد1

حسين آباد1: حيدرآباد شھر جو هڪ پراڻو علائقو آهي، جيڪو حيدرآباد جي اولھہ ۾ سنڌو درياھہ جي ڪناري تي آباد آهي. هن جو شمار سنڌ جي وڏن بندرن ۾ ٿيندو هو. هن علائقي جو پراڻو نالو ’گدو بندر‘ هو، جيڪو ديوان گدو مل جي نالي پويان رکيو ويو هو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هن جو نالو گدو بندر مان ڦيرائي حسين آباد رکيو ويو. اڄ بہ هن علائقي جي اهم چوراهي کي گدو چوڪ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن علائقي ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي نفسياتي مريضن جي اسپتال (گدو اسپتال) واقع آهي. حسين آباد واري بند وٽان ئي 1921ع ۾ بنگالي زبان جي نامور شاعر ٽئگور سنڌوءَ جو نظارو ڪيو هو. اديب ۽ تعليمدان قلندر شاھہ لڪياري، غلام حسين پٺاڻ ۽ ناميارو اديب ولي رام ولڀ حسين آباد ۾ رهائش پذير آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو