حسين بادشاهه

حسين بادشاهه

حسين بادشاھہ

حسين بادشاھہ: ليکڪ، مترجم ۽ محقق، حسين بادشاھہ جو پورو نالو محمد حسين بادشاھہ آهي. هن 29 آڪٽوبر 1967ع تي محمد موسيٰ سومري جي گهر جنم ورتو، جيڪو پڻ اديب ۽ ترجمي نگار هو. حسين بادشاھہ پرائمري تعليم ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول مان حاصل ڪئي؛ مڊل تائين سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ ۽مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان پڙهيو. انٽرميڊئيٽ بہ حيدرآباد مان ڪرڻ بعد هن بي. اي ۽ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) 1994ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. کيس ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيو. هن مختلف سنڌي اخبارن ۾ رپورٽر ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر طور بہ ڪم ڪيو، روزاني جنگ جو رپورٽر بہ رهيو، سنڌي اخبارن ۾ ڪالم، مضمون ۽ فيچر بہ لکيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) ’حيدرآباد جي تاريخ‘ (ترجمو: 2003ع)، (2) ’ڏند ڪٿائون ۽ قصا‘ (2003ع)، (3) ’سنڌ جو سوشلسٽ صوفي: شاھہ عنايت شھيد‘ (سهيڙيل: 2004ع)، (4) ’رامائڻ‘: راج گوپال (ترجمو: 2004ع)، (5) ’زلفي منهنجو دوست‘ (ترجمو: 2005ع)، (5) ’سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ‘ (ترجمو: 2005ع)، (6) ’ميرا دوست زلفي‘ (2005ع)، (7) ’سنڌي واپاري‘ (ترجمو: 2005ع)، (8) ’سنڌ جا پير‘ (برطانوي دور: ترجمو)، (9) ’پاڪستان پينل ڪوڊ 1860‘ (ترجمو: 2006ع)، (10) ’سماجي معاهدو‘ (2006ع)، (11) ’سنڌ گزيٽيئر‘: اِي. ايڇ. ائٽيڪن (ترجمو: 2006ع)، (12) ’هٽلر جي آتم ڪهاڻي‘ (ترجمو)، (13) ’گوتم ٻُڌ‘ (ترجمو)، (14) ’هير رانجهو‘ (ترجمو: 2007ع)، (15) ’سرچاءُ‘ (شھيد بينظير ڀٽو: ترجمو: 2008ع)، (16) ’منهنجي پياري ڌيءُ پنڪي‘ (ترجمو:2008ع)، (17) ’ڌرتيءَ ڌيءُ‘ (محترمہ بينظير شھيد جي آتم ڪهاڻي: ترجمو:2008ع)، (18) ’سنڌي واپارين جو بخارا کان پناما تائين واپار‘ (ترجمو).
حسين باگن (ديھہ): تعلقي ساماري جي هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
جڻيو چاوڙو، وسؤ خان ڪپري ۽ اوطاق علي محمد ڀرڳڙي.


لفظ حسين بادشاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.10.29  عيسوي

ليکڪ، مترجم ۽ محقق، حسين بادشاهه جو پورو نالو محمد حسين بادشاهه آهي. هن 29 آڪٽوبر 1967ع تي محمد موسيٰ سومري جي گهر جنم ورتو، جيڪو پڻ اديب ۽ ترجمي نگار هو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الھہ رکيو ڳورڙ
خواجہ ناظم الدين
آنند
جتوئي وحيد
ڄام گل محمد خان سھتو
حاجي خان محمد مڱريو
ريني ڊيڪارٽ
جوڻيجو سلطان احمد ڊاڪٽر
نور محمد انڍڙ
ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون