حسين بخش ملاح

حسين بخش ملاح: مزاحيہ فنڪار حسين بخش ملاح 14 جون 1947ع تي سانگهڙ ويجهو ڳوٺ جعفر جي مياڻ ۾ جنم ورتو. هي ڳوٺ سيٺ حب علي ملاح جي نالي سان وڌيڪ مشھور آهي. هن جي والد جو نالو فقير الھندو ملاح هو، حسين بخش ملاح فن جي شوق ۾ پنھنجي تعليم سان گڏ گهڻو ڪجهه وڃايو، هن کي فن سان محبت هئي ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو ايڏو تہ جنون هو، جو هي 11 ڀيرا لاهور ويو، نيٺ 1993ع ۾ هن جي خوابن جي تڪميل ٿي ۽ هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هن 20 نومبر 1993ع تي فلم باغي شهزاديءَ ۾ اداڪار محسن حسن خان سان گڏ پوليس جمعدار جو رول ڪيو، اها فلم 1995ع ۾ رليز ٿي. ان دوران 27 آڪٽوبر 1993ع تي پي.ٽي. وي لاهور سينٽر تان ٻارڙن جي جڳ مشھور ڊرامي ‘عينڪ والا جن‘ جي 27 قسط جي هڪ ڪردار چارلي مامون سان گڏ ڪم ڪيائين. اها قسط 10 ۽ 11 نومبر تي ٽيليڪاسٽ ٿي. ان کان علاوہ هن ون مين شو ۾ مزاحيہ ڪلام ۽ سنجيدہ ڪلام بہ ڳاتا. هن نامور مزاحيہ فنڪارن قادر بخش مٺو، ماما لالو، عبدالله ملاح، نٿو ڪهيري، بشارت سمون، بيگو خان ۽ جڳاڙي جلال سان گڏ پڻ ڪم ڪيائين. حسين بخش ملاح هر فن مولى آهي، هن جو فن سان عشق آهي ۽ ان عشق ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي اهم مرحلن طرف بہ ڌيان ڪونه ڏنو، ايتريقدر جو سڄي عمر شادي بہ نہ ڪئي. هن مختلف شهرن حيدرآباد، ٽنڊي ڄام، بدين، ميهڙ، پير جي ڳوٺ، موري ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي اسٽيج پروگرام ڪيا، جن عام ماڻهن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. حسين بخش ملاح 1962ع کان شاعري بہ ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مزاحيہ شاعري بہ آهي تہ سنجيدہ شاعري بہ اٿس. هن جي مزاحيہ شاعري حقيقت تان پردو کڻي ٿي، سندس شاعريءَ ۾ اٿاھہ درد آهي، جنهن درد مان هو پاڻ گذري ٿو، اهو ئي درد هو ماڻهن تائين پهچائي ٿو. حسين بخش ملاح آڪٽوبر 2009ع ۾ سچل ايف. ايم 105 نوابشاھہ تي پڻ پروگرام ڪري چڪو آهي، سانگهڙ ايف، ايم تي هن پروگرام ڪيا آهن، جن ۾ ڪچهري پروگرام ۽ ڏاڏا حسين ملاح جو پروگرام ڪري رهيو آهي ۽ ساڳئي ايف ايم تي مئنيجر علي نواز هنڱوري جي پروگرام ۾ گامون سچار جو ڪردار پڻ ڪري چڪو آهي. حسين بخش ملاح هن وقت سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مھر پاران مليل هڪ جاءِ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ حسين بخش ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو