حسين بن دلدار علي، علامہ: برصغير جو نامور ديني عالم ۽ مجتهد علامہ سيد حسين بن دلدار علي، 14 ربيع الآخر 1211ھہ/ 17 آڪٽوبر 1796ع تي هندستان ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي والد علامہ سيد دلدار علي ۽ وڏن ڀائرن مير محمد ۽ سيد محمد مهديءَ کان حاصل ڪيائين. علامہ سيد حسين، هند ۽ سنڌ ۾ اعليٰ پايي جي عالم طور مشھور ٿيو. سندس ڪتاب مدرسن ۾ لازمي مضمون طور پڙهايا وڃن ٿا. هن سترهن سالن جي عمر ۾ ٻہ ڪتاب ’رساله تجزي في الاجتهاد‘ ۽ ’رساله حڪم ظن در رکعتين اولين‘ لکيا، جن کي ڏسڻ بعد سندس پيءُ کيس اجتهاد جي اجازت ڏني.
علامہ سيد حسين، تعليم ۽ تدريس، تصنيف ۽ تاليف ۽ اخلاق ۽ ذهانت سبب ڪافي مشھور هو. والد جي وفات کان پوءِ ماڻهو ڏانهنس رجوع ٿيا. اوڌ، لکنوءَ، رامپور ۽ سنڌ جي ٽالپرن جي ساڻس گهڻي عقيدت هئي. اوڌ جي بادشاھہ کيس خطاب ۽ هڪ مُهر ڏني هئي، جنهن تي هيءَ عبارت اُڪريل هئي:
”حاوي علوم دين، حامي سادات ومومنين، حافظ احڪام الله، مجتهدالعصر سيد العلماءَ“.
اوڌ جي بادشاھہ، واجد علي شاھہ سيد حسين جي مشوري تي هڪ عاليشان ديني مدرسو تعمير ڪرايو. ننڍي کنڊ جا اڪثر جيَد عالم سيد حسين جو احترام ڪندا هئا. سيد حسين 17 رمضان 1273ھہ مطابق 11 مئي 1857ع تي وفات ڪئي. کيس ٽي پٽ هئا، جن مان علامہ سيد محمد تقي وڏي شھرت ۽ عظمت حاصل ڪئي. حسين بن دلدار جون پنجاھہ تصنيفون مشھور آهن، جن مان 20 ڪتاب ديني مدرسن ۾ لازمي مضمون طور پڙهايا وڃن ٿا. سندن سموريون تصنيفون عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن. علامہ صاحب جو هڪ ناياب فارسي ڪتاب ’حديقة سلطانيه‘ بہ گهڻو مشھور آهي.
1796.10.17 عيسوي
برصغير جو نامور ديني عالم ۽ مجتهد علامه سيد حسين بن دلدار علي، 14 ربيع الآخر 1211هه/ 17 آڪٽوبر 1796ع تي هندستان ۾ پيدا ٿيو.
1857.05.11 عيسوي
سيد حسين 17 رمضان 1273هه مطابق 11 مئي 1857ع تي وفات ڪئي.