
حسين بن منصور حلاج

حسين بن منصور جي ڦاهي چڙهڻ جو خيالي عڪس

حسين بن منصور حلاج جي مزار
حسين بن منصور حلاج: وحدت الوجودي فلسفي/ تصوف جي دنيا جو تمام وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس پيدائش 858ع ۾ البيضا (فارس) جي اتر اوڀر ۾ واقع هڪ ڳوٺ ’الطور‘ ۾ ٿي. سندس مڪمل نالو ابوالمغيث بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج هو. سندس والد منصور ڌنڌي جي لحاظ سان ڪپھہ ٽاڻڻ وارو هو. ان ڪري ’حلاج‘ سڏبو هو. ننڍڙي حسين، عمر جو شروع وارو حصو عراق جي شھر واسط ۾ گذاريو، بعد ۾ اهواز جي هڪ ماڳ تستر ۾ سھل بن عبدالله ۽ پوءِ بصري ۾ عمرو مڪيءَ جي صحبت ۾ تصوف جي رنگ ۾ رڱجي ويو. 877ع ۾ بغداد آيو ۽ حضرت جنيد بغداديءَ جي شاگردي اختيار ڪيائين. سندس نالو تہ حسين هو، پر سندس شھرت ’بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج‘ توڙي ’منصور حلاج‘ جي نالن سان ٿي. حسين بن منصور عمر جو گهڻو حصو سير ۽ سياحت ۾ بسر ڪيو. ٽي ڀيرا مڪي ويو. اتحاد ذات الاهي يا همه اوست جو قائل هو ۽ ’انا الحق‘ (آءٌ حق آهيان) جو نعرو عام هڻندو هو. سن 909ع ۾ ابن داؤد الاصفهانيءَ جي فتوا جي بنياد تي کيس پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو. 913ع ۾ ٻيو ڀيرو گرفتار ٿيو ۽ لاڳيتو اٺ سال قيد ۾ رهيو. اٺن سالن کانپوءِ 921ع ۾ هن بابت مقدمي جو فيصلو ٿيو ۽ کيس 18 ذي القعد 309ھہ/ 929ع تي خليفي مقتدر باالله عباسيءَ جي دؤر ۾ ڦاسي ڏني وئي. عالمن جو هڪ گروھہ کيس ڪافر ۽ زنديق سڏيندو هو، جڏهن تہ ٻين عالمن جي گروھہ کيس شھيد صوفي ۽ ولي سڏيو.
حسين بن منصور تصوف ۾ پنهنجن خاص عقيدن ۽ نظرين جي پرچار لاءِ ڪتاب ۽ رسالا بہ لکيا، جن جو تعداد پنجاھہ چيو وڃي ٿو. انهن مان ڪي ڪتاب تمام گهڻو مشھور ٿيا. جھڙوڪ: ’ڪتاب الاصول والفروع‘، ’ڪتاب علم البقا والفناء‘ اچي وڃن ٿا. حلاج جي عقيدي جا ٽي جزا چيا وڃن ٿا: ذات بشريءَ ۾ ذات الاهيءَ جو حاصل ڪرڻ، حضرت محمدصه جن جو نقشِ قدم ۽ مذهبن جي وحدت.
حسين بن منصور حلاج جو اثر ايراني علم ۽ ادب ذريعي سڄي دنيا سان گڏ سنڌو ماٿريءَ ۾ بہ پهتو. روايتن موجب بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج خود سنڌ ۽ ملتان ۾ آيو هو. ان وقت ٻنهي پرڳڻن تي قرامطين جو راڄ هو، پر سنڌ ۾ پهريون ڀيرو منصوري آواز قلندر شھباز (وفات: 673ھہ) ذريعي پهتو. هن پنھنجي فارسي شعر ۾ اهڙو اظهار بہ ڪيو آهي. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ قادري ۽ سھروردي بزرگن جو صوفياڻي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. سندن سماع جي محفلن ۾ منصوري داستان کي بيان ڪيو ويندو آهي. روايتن موجب مخدوم جھانيان جھان گشت (وفات: 1384ع) جي مجلسن ۽ محفلن ۾ بہ خواجہ منصور جي ذڪر کي خاص اهميت حاصل هئي.
سنڌ جي ارغوني فتح (1520ع) کان پوءِ، وڏي پيماني تي مرڪزي ايشيا ۽ ايران مان عالم، اديب ۽ شاعر سرزمين سنڌ ۾ پهتا. ڪي مستقل طرح سنڌ ۾ رهيا ۽ ڪي وري ڪجهہ دير هتي رهي پوءِ هندستان هليا ويا. ايراني علم ۽ ادب جي پهچڻ سان عطار، رومي، سعدي ۽ فردوسيءَ جا ڪتاب بہ سنڌ ۾ پهتا. ان طرح حسين بہ منصور حلاج جو ذڪر بہ تازہ دم ٿي هن خطي ۾ وارد ٿيو. شاھہ جھانگير هاشمي (وفات: 1539ع) بہ ٻاهران آيل اديبن ۾ شامل هو. هن جي فارسي مثنوي مظهر الآثار ۾ منصوري اثر نمايان ڏسجي ٿو. هيءَ مثنوي سنڌ جي مشھور تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي هئي.
سرمد شھيد بہ مغل دؤر ۾ ٺٽي ۾ آيو هو ۽ هڪ هندو ڇوڪري اڀيچند جي عشق ۾ مگن ٿي چيائين:
”نمي دانم ابي چندست يا غير“
اهي منصوري اثر هئا، جو هن وقت جي عالم ميرڪ عبدالوهاب جي خلاف شعر چيو. جڏهن ٺٽو ڇڏي دهليءَ پهتو تہ ڀاڻس اورنگزيب کيس 1658ع ۾ درٻاري ملن کان فتوائون ڏياري شھيد ڪرائي ڇڏيو. شھزادو دارا شڪوه، ميان مير سنڌيءَ جو مريد (وفات: 1635ع) ۽ شاھجھان جو پٽ هو. دارا شڪوره تصوف جو وڏو عالم هو. هن پنھنجي ڪتاب ’سفينة الاولياء‘ ۾ منصور حلاج جو خاص ذڪر ڪيو آهي. مغل دؤر ۾ سنڌي صوفي سنڌ کي ڇڏي برهانپور پهتا، جن جي محفلن ۾ بہ منصوري ذڪر ٿيندو هو.
ڊاڪٽر اينمري شمل ’پرلس فرام دي انڊس‘ ڪتاب ۾، سنڌي شاعريءَ ۽ سماج تي بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج جي اثرن بابت هڪ خاص مقالو شامل ڪيو آهي. صوفي شاھہ عنايت (شهادت: 1718ع) تي بہ بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج جو وڏو اثر هو. شاھہ لطيف تي (وفات: 1751ع) تي بہ منصوري اثر هئا، جن جو اظهار هن سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر سهڻيءَ جي ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي. خواجہ محمد زمان (وفات: 1774ع) تي بہ منصوري اثر هو، جيتوڻيڪ پاڻ نقشبندي سلسلي جو صوفي هو، پر پوءِ بہ بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج بابت گهري دلچسپي رکندو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ’لنواريءَ جا لال‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ هڪ ڀيري خواجہ محمد زمان چيو تہ منصور اسان جي دؤر ۾ هجي ها تہ هن کي سوليءَ تي چڙهڻ جي نوبت نہ اچي ها. ساڳيءَ ريت فقير عبدالرحيم گرهوڙي (وفات: 1778ع) بہ پنھنجي مرشد خواجہ محمد زمان وانگر، حلاج جي ذڪر کان غافل نہ هو. مير ﷲ شاھہ رضوي'>جان ﷲ شاھہ رضوي (وفات: 1754ع)، ڪلهوڙا دؤر جو نامور فارسي گو شاعر ٿي گذريو. هن جو ديوان بہ ڇپجي چڪو آهي، ان ۾ بہ ڏسجي ٿو تہ مٿس منصوري رنگ موجود هو. ليڪن جنهن سنڌي شاعر چوٽ تي چڙهي منصوري نعرو هنيو ۽ حلاجي فڪر جو پرچار ڪيو. اهو سچل سرمست هو (وفات: 1827ع). سچل جي شعر ۽ فڪر تي منصوري اثر حد کان وڌيڪ آهي. بيدل فقير (وفات: 1872ع) پڻ منصوري پرچار کان گهڻو متاثر هو.
جديد دؤر جي شاعرن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، استاد بخاري ۽ ٻين پڻ منصور حلاج جو خوب اثر قبول ڪيو. سائين جي. ايم. سيد جي تصوف ۽ مذهب بابت لکيل ڪتابن ۾ منصوري مام موجود آهي. منصور حلاج هر دور ۾ سنڌي سماج ۽ علم ادب تي پنهنجا نقش قائم رکندو اچي.
0309.11.18 هجري
اتحاد ذات الاهي يا همه اوست جو قائل هو ۽ ’انا الحق‘ (آءٌ حق آهيان) جو نعرو عام هڻندو هو. سن 909ع ۾ ابن داؤد الاصفهانيءَ جي فتوا جي بنياد تي کيس پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو. 913ع ۾ ٻيو ڀيرو گرفتار ٿيو ۽ لاڳيتو اٺ سال قيد ۾ رهيو. اٺن سالن کانپوءِ 921ع ۾ هن بابت مقدمي جو فيصلو ٿيو ۽ کيس 18 ذي القعد 309هه/ 929ع تي خليفي مقتدر باالله عباسيءَ جي دؤر ۾ ڦاسي ڏني وئي. عالمن جو هڪ گروهه کيس ڪافر ۽ زنديق سڏيندو هو، جڏهن ته ٻين عالمن جي گروهه کيس شهيد صوفي ۽ ولي سڏيو.