حسين ساريو

حسين ساريو

حسين ساريو

حسين ساريو: مشھور اداڪار عبدالحسين ساريو ولد عبدالغفور ڳوٺ گند، تعلقي باڊھہ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 17 سيپٽمبر 1968ع تي ڄائو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. 1985ع ۾ مئٽرڪ جي تعليم دوران اسٽيج ڊرامي ’منزل‘ ۾ اداڪاري ڪرڻ سان فني دنيا ۾ داخل ٿيو. هڪ عرصي تائين شھر ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺندو رهيو ۽ اسٽيج اداڪار طور وڏي مڃتا ماڻي. 250 کان وڌيڪ اسٽيج ۽ ٽي. وي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. 25 اسٽيج ڊراما لکيا. ڪي. ٽي. اين تان سندس پھريون ڊرامو ’انتظار گاھہ‘ نشر ٿيو، جنھن جو ليکڪ ايوب گاد هو. ڪي. ٽي. اين جي سيريل ’پٿر دنيا‘ کيس شھرت جي بلندين تي پھچايو، هن ان ڊرامي ۾’رستم خان‘ جو ڪردار ادا ڪيو. عبدالحسين ساريي جو ڪي. ٽي. اين تان پيش ٿيندڙ آخري ڊرامو ’نازو‘ هو. آخري وقت ۾ ڪينسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو. سينگاپور مان ڪينسر جو علاج ڪرائڻ بہ ويو، پر مڪمل صحتياب نہ ٿي سگهيو. ڪجهہ ڏينھن ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ علاج سانگي داخل رهيو ۽ نيٺ 8 اپريل 2011ع تي وفات ڪئي. کيس ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2011.04.08  عيسوي

حسين ساريو 8 اپريل 2011ع تي وفات ڪئي. کيس ڳوٺ گند، باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي ڪي بروهي
راشدي سليم
ديبلي ابو موسيٰ
جيون گرساهاڻي
خضر حيات خان سردار
لعل بخش چنو
خليفو خدابخش سولنگي
پرسواڻي سلامت راءِ
جمعو خان غريب
چوڌري نثار علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون