حسين سنڌي سيوستاني

حسين سنڌي، سيوستاني: حسين سنڌي، سيوستاني وڏو حڪيم ۽ عالم هو. ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ (جلد ٽيون، ص 252-253) ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ لکيو آهي تہ: ”حڪيم ۽ محدث شيخ حسين بن شيخ الاسلام محمد مراد انصاري سيوستاني پنھنجي والد بزرگ سان گڏ هجرت ڪري عرب ڏي وڃي آباد ٿيو. هن ابتدائي تعليم سيوهڻ ۾ ورتي. پنھنجي پيءُ کان بہ گهڻو علم پرايائين. هن مديني منوره ۽ يمن جي محدثن ۽ عالمن کان سندون بہ حاصل ڪيون. هي وڏو حڪيم ۽ فاضل طبيب هو. ڪتاب ’اليانع الجيني‘ ۾ شيخ محمد حسين ڪردي لکي ٿو تہ: ”شيخ حڪيم محمد حسين يمن جي شھر حديده ۾ تيرهين صدي هجريءَ ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو