حسين شاهه شرف

حسين شاهه ’شرف‘: ناميارو شاعر سيد شرف حسين ولد همت علي شاهه، 7 فبروري 1924ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. هن شڪارپور مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري 1948ع ڌاري جوڊيشنل ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. نوڪريءَ دوران سکر، روهڙي، جيڪب آباد، ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور ۾ رهيو ۽ ترقي ڪري سپرينٽينڊنٽ ٿيو. 1984ع ۾ سيشن ڪورٽ شڪارپور مان رٽائر ٿيو. فلمي گيت ٻڌڻ سان کيس شاعريءَ جو شوق جاڳيو. ابتدا ۾ فلمي طرز جا گيت لکيائين، شاعريءَ جي ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪيائين. خاص طور حمد، نعت، ڪافيون، غزل، گيت، قصيدا ۽ مرثيا لکيائين. شاعريءَ ۾ ’شرف‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس ٻه ڪتاب: (1) ’آغاز عشق‘ ۽ (2) ’شان پنجتن‘ شايع ٿيل آهن. ’مهراڻ ادبي سنگت‘ شڪارپور جو باني ميمبر آهي. هيءُ شڪارپور ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.02.07  عيسوي

ناميارو شاعر سيد شرف حسين ولد همت علي شاهه، 7 فبروري 1924ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽيڪم آفتاب
اسماعيل اداسي
پرمانند پياسي
احمد سولنگي
حميره نور
رضوي محمد زمان شاهه
ڇَتو فقير سانگي
رضوي سيد علي مدد شاهه
حاجي مريد مهيري
فرهاد جروار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون