
حسين شاهه جو مقبرو
حسين شاھہ جو مقبرو: هيءُ مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبي واري زماني جو يادگار آهي. مقبرو ڳوٺ حسين شاھہ ديھہ ۽ تعلقي دولتپور ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾26°30′ 55″ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67° 57′ 42″ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. مقبري جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون گل گارو، گچ گارو استعمال ٿيل آهي. مقبري جي ڊيگهہ 7.85 ميٽر ۽ ويڪر 7.70 ميٽر ۽ اوچائي 10.50 ميٽر آهي. لنگهہ وارو دروازو اوڀر طرف اٿس، جنهن تي اڪر جو ڪم ٿيل آهي. مهاڙيءَ واري پاسي اندرئين طرف ونگن وارا چورس پانيل ٺهيل آهن. مقبري جا چارئي پاسا پانيلن ۽ طاقن سان سجايل آهن. هن جي ٻيڙ ٻني تي ڪيترائي ڪنگرا ٺهيل آهن ۽ ڇت جي وچ تي گنبذ ٺهيل آهي. جنهن تي وري ابتي ڪنول جي گل جي مٿان ڪلس ٺهيل آهي، گنبذ هوبهو دهليءَ واري مسجد جي گنبذ جهڙو آهي. مقبري کي اندران توڙي ٻاهران ليپو ڏنل آهي. مقبري جي الهندي پاسي واري ڀت تي محراب نما جارو ٺهيل آهي. مقبري جي حاشيي تائين ڪاشيءَ جون سرون استعمال ٿيل آهن. هن مقبري ۾ پير حسين شاھہ نالي بزرگ جي مزار آهي، جنهن تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ عقيدتمند حاضري ڀريندا رهن ٿا. هن وقت مقبري جي حالت بهتر ناهي. ڪيترائي ڀيرا مرمت ٿيڻ باوجود هينئر اندرئين حصي مان ليپو هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي.