حسين شاھہ جيلاني

حسين شاھہ جيلاني: نامور بزرگ حسين شاھہ جيلانيءَ جا وڏا بغداد کان پهرين پنجاب ۽ پوءِ سنڌ ۾ ضلعي شھيد بينظير آباد (نوابشاھہ) جي تعلقي دولتپور جي هڪ ڳوٺ ”ميوي پرهياڙ“۾ 1232ھہ/ 1817ع ڌاري اچي آباد ٿيا. حسين شاھہ جيلانيءَ جي ولادت جي صحيح تاريخ معلوم نہ ٿي سگهي آهي. سندس والد جو نالو سيد نور محمد شاھہ هو. سندس حسب ۽ نسب جو سلسلو سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي واسطي سان امام حسن رضہ سان وڃي ملي ٿو. پير حسين شاھہ وڏو عالم، ولي ۽ حاذق حڪيم ٿي گذريو آهي. پنھنجي والد جي هٿ تي قادري سلسلي ۾ بيعت ڪيائين ۽ چشتي طريقي ۾ پير خواجہ بخش تونسويءَ کان اجازت ورتائين. ڳوٺ ميوي پرهياڙ ۾ ديني مدرسو قائم ڪيائين، جنهن ۾ تدريس ۽ تبليغ ذريعي خدمت ڪندو رهيو. سندس اولاد مان ڪيترا عالم ٿي گذريا آهن، جن ۾: سيد پيرل شاھہ، سيد محمد بخش، سيد قاسم علي شاھہ ۽ سيد غوث محمد شاھہ جيلاني قابلِ ذڪر آهن. سيد حسين شاھہ پنھنجي هٿن سان قرآن شريف جو قلمي نسخو لکيو، جيڪو اڄ بہ سندس اولاد وٽ موجود آهي. هن 12 ربيع الاول 1340ھہ/ 1921ع تي وفات ڪئي. سندس مزار تعلقي دولتپور جي ڳوٺ هبيريءَ کان اولھہ طرف بئراج جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي.


لفظ حسين شاھہ جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1340.03.12  هجري

حسين شاهه جيلاني 12 ربيع الاول 1340هه/ 1921ع تي وفات ڪئي. سندس مزار تعلقي دولتپور جي ڳوٺ هبيريءَ کان اولهه طرف بئراج جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خالد بن وليد
زڪريا عليہ السلام
حمزو بن عبدالمطلب رضہ
خواجہ محڪم الدين سيراني
عزير عليہ السلام
خواجہ نظام الدين اولياء
عيسيٰ عليہ السلام حضرت
حذيفه رضہ بن اليمان
عمر بن خطاب رضي ﷲ عنه
حاجي شھمير ٽالپر
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون