حسين شاھہ جي مزار

حسين شاھہ جي مزار: هيءَ مزار حسين شاھہ نالي بزرگ جي آهي، جيڪا ضلعي ٺٽي ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي واقع جهم ڪوٽ ويجهو واقع آهي. هيءَ مزار اسلامي دور جي آهي. هن مزار ۾ دفن بزرگ لاءِ عام خيال آهي تہ هو عربن جي دور ۾ سنڌ آيو ۽ محمد بن قاسم سان گڏ جهم ڪوٽ وٽ سنڌي فوج سان مقابلي دوران مارجي ويو. کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. هتي دعائن گهرڻ لاءِ مسلمان توڙي هندو عقيدتمند ايندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو