حسين شاهه فاضلاڻي

حسين شاهه فاضلاڻي

حسين شاھہ فاضلاڻي

حسين شاھہ فاضلاڻي: سنڌي فلمن جو باني، خوبصورت فنڪار سيد حسين شاھہ فاضلاڻي، مٽياريءَ جي سادات گهراڻي سان واسطو رکندو هو. سندس جنم 1934ع ڌاري مٽياريءَ جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ ٿيو، اڳتي هلي حسين شاھہ، گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ اچي رهيو. اتي سندس ’فاضلاڻي هائوس‘ مشھور هو، جڏهن تہ هن جو ’مارئيءَ وارو محل‘ اڏيري لال ۾ هو. هو پيانو وڄائڻ بہ ڄاڻندو هو. ورهاڱي کان اڳ جيتوڻيڪ پهرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ ٺاهي هئي، پر قيام پاڪستان کان پوءِ پهرين سنڌي فلم ’عمر مارئي‘ جو هيرو ۽ سيڙپڪار بہ فاضلاڻي خود هو، جڏهن تہ ڊائريڪٽر شيخ حسن هو. ان فلم ۾ فاضلاڻيءَ کان سواءِ چارلي، نگهت سلطانه، بيبو، سرفراز ۽ غريب شاھہ اهم اداڪار هئا. فلم جي موسيقي مشھور موسيقار غلام نبي عبداللطيف ترتيب ڏني هئي. هن فلم جو گانو ’منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي‘ ڏاڍو مشھور ٿيو. سندس ٻي فلم ’پرديسي‘ هئي. جنهن فلم جو هيرو ۽ فلمساز بہ پاڻ هو. جڏهن تہ ساڻس لاليءَ هيروئن جو ڪردار ڪيو هو. ٻين ساٿي اداڪارن ۾: سلومي، چارلي ۽ شيخ سنڌي اهم هئا. فلم جو ڊائريڪٽر ايس. اي غفار، جڏهن تہ موسيقي غلام نبي عبداللطيف ترتيب ڏني هئي. هن فلم جو گانو ’اي خدا تقدير جو بهانو آهي بي وفا‘، جيڪو محمد ابراهيم ڳايو هو، تمام گهڻو مشھور ٿيو. پاڻ ٽين فلم ’مارو‘ نالي ٺاهي پر اها رليز ٿي نہ سگهي. جڏهن تہ سندس هڪ فلم ’هاري‘ پڻ رليز نہ ٿي. امداد حسينيءَ لکيو آهي تہ فاضلاڻي جڏهن بہ ڪا فلم ٺاهيندو هو تہ پنهنجون ٻنيون کپائيندو هو، ملڪيتون وڪڻندو هو. هن فلمن جي شوق ۾ لاڙ ۽ اڏيري لال ۾ موجود هزارين ايڪڙ زمينون ڀڳڙن مُٺ تي وڪڻي ڇڏيون. هن جي آخري يادگار تقريب هدايتڪار ۽ فلمساز يار محمد شاھہ جي فلم ”محب شيدي“ جي اوپنگ واري هئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. هن ڪيترن ئي چهرن کي فلمي دنيا ۾ روشناس ڪرايو، جن ۾ غلام حيدر صديقي، شيخ سنڌي ۽ مصطفيٰ قريشي اهم آهن حسين شاھہ فاضلاڻيءَ جو نالو فلمي دنيا جي حوالي سان تاريخ ۾ هميشھ نمايان ۽ يادگار رهندو. سندس وفات 1993ع ۾ٿي.


لفظ حسين شاھہ فاضلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو