حسين شاھہ ڪاڇيلاڻي: سيد حسين شاھہ ڪاڇيلاڻيءَ جي مزار ضلعي ٺٽي، تعلقي جاتيءَ ۾ ميرپور بٺوري روڊ تي مير خان موريءَ جي اولھہ ۾ واقع آهي. هيءُ بزرگ ٻہ سؤ ورهيہ اڳ جو چيو وڃي ٿو. روايت آهي تہ هيءُ بزرگ ڪڇ مان آيو هو. هُو ڪڇ ۾ مزدوري ڪندو هو ۽ زهد ۽ تقويٰ جو صاحب هو. پيٽ تي اڪثر ڪاٺ جو ٽڪر ٻڌندو هو. هن بزرگ جي مزار تي ساليانو ميلو لڳندو آهي.