حسين شاهه ڪوٽيرو ۽ قبرستان

حسين شاهه ڪوٽيرو ۽ قبرستان

حسين شاھہ ڪوٽيرو ۽ قبرستان

حسين شاھہ ڪوٽيرو ۽ قبرستان: پٿري دائرو آهي، جيڪو ديھہ ريڪ ۾ تعلقي ٿاڻي بولا خان ۾ آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو حسين شاھہ جو ڪوٽيرو چون ٿا. هاڻي ان ۾ هڪ پير جي مزار ٺهيل آهي، هي ماڳ ڳوٺ اسماعيل باريجي کان اتر اولھہ ۾ اڌ ڪلوميٽر پنڌ تي آهي، دائري کان ٻاهر ڪي پراڻيون قبرون بہ آهن، دائري جي اندر بہ ڪي چوڪور ٿلها يا قبرون ٺهيل آهن، جن جي ماپ تقريباً 1.4 x 1.4 آهي. دائري جي وچ ۾ هڪ ٿلهو ٺهيل آهي، گمان آهي تہ شايد اها ڪا قربان گاھہ هوندي، يا ان کي هن دائري ۾ ڪا خاص مرڪزي حيثيت حاصل آهي.
دائري جو قطر 19 ميٽر ۽ ديوار جي ٿولھہ 2 ميٽر آهي. ديوار جي اندرين ۽ ٻاهرين گهير سان وڏن پٿرن جون ڇپون ڏاڍي ترتيب سان رکي مڪمل دائري کي شڪل ڏني وئي هئي. ٻنهي گهيرن جي وچ ۾ شايد مٽي ۽ پٿرين جو ڀراءُ ڪيو ويو آهي. ديوار کي ڪا اوچائي نہ آهي، ڪٿي ڪٿي ٻن يا ٽن پٿري بلاڪن جي سٿ آهي. ممڪن آهي تہ مناسب کوٽائيءَ سان ديوار جي اصل اوچائي ڪجهہ وڌيڪ ثابت ٿئي. دائري جو اڪيلو دروازو اتر-اوڀر ڪنڊ کان آهي. دائري جي اندر پٿري بلاڪن جا چار عدد چوڪور ٿلها آهن، جن جي ويڪر تقريباً 1.4 x 1.4 ميٽر آهي. فقط حسين شاھہ واري هٿرادو قبر کي اتر-ڏکڻ ڊيگهہ ڏيڻ جو تاثر ملي ٿو. دائري جي وچ ۾ پٿرن جو هڪ غير معمولي ڍڳ يا بي ترتيب چبوترو آهي، ان کي مرڪزي حيثيت ڏسجي ٿي، ان چبوتري سان پٿري بلاڪن جو هڪ سلسلو ڏکڻ اولھہ طرف ديوار تائين هليو ويو آهي. دائري کان ٻاهر 12-10 عدد قبرون آهن. عجيب ڳالھہ اها آهي تہ انهن جا رخ مختلف آهن، انهن ۾ ڪا هڪ اڌ قبر اهڙي آهي، جنهن جي بيهڪ اسلامي طرز تي اتر- ڏکڻ هجي ٿي. هن دلچسپ پٿري دائري جون وصفون جيئن تہ انهن پٿري دائرن کان مختلف آهن، جن ۾ اڀا پٿر کوڙي دائرو ٺاهيو ويندو آهي، ان ڪري هن مختلف وصفن واري دائري کي جدا سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ اسان ’مقدس پٿري دائرو‘ (Sacred Stone Circle) جو اصطلاح مقرر ڪيو. هونئن بہ هي دائرو ڪنهن نہ ڪنهن عقيدي جي حساب ۾ ’مقدس‘ محسوس پئي ٿيو. هي ماڳ نہ آهي، ممڪن آهي تہ هي ماڳ زمانه قبل مسيح جو هجي.
دائري جي ٻاهران اڪثر قبرون دائري جي ويجهو ۽ گولائيءَ ۾ ٺهيل آهن، سواءِ اولھہ ۾ ٽن قبرن جي، جيڪي سنوت ۾ ٺهيل آهن ۽ مرڪزي قبر کان نڪرندڙ پيچري جي سامهون ۽ سڌيون آهن. دائري جي ٻاهران اوڀر ڏکڻ ڪنڊ وٽ هڪ اڏاوت آهي، تنهن جون ٻہ ڀتيون گوني ڪنڊ ۾ ملن ٿيون، هي ٻہ پاسي اڏاوت ڏسڻ ۾ اهڙي اجهي يا اوٽ جهڙي آهي، جتي شايد جنازي جون مذهبي يا سماجي ريتون رسمون ادا ٿينديون هجن. هي ماڳ ڪنهن گهڻي نمايان هنڌ تي نہ آهي، البت آسپاس واري زمين کان ڪجهہ مٿانهينءَ تي آهي، جنهن جي سطح ڪافي سڌي آهي. اڏاوتن جي وچ ۾ توڙي آسپاس ۾ گهڻي ڳولا جي باوجود بہ ٻي ڪا اهڙي شيءِ هٿ ڪا نہ آئي جا هنن آثارن بابت ڪنهن بہ قسم جي وڌيڪ ڄاڻ ڏيڻ ۾ مددگار ٿئي ها، هن قسم جون يا هن سان ملندڙ جلندڙ ڪي ٻيون اڏاوتون ڪوهستان ۾ ڪن ٻين هنڌن تي بہ موجود آهن. (نئين زندگي، آڪٽوبر 1992ع/ محال ڪوهستان- بدر ابڙو ).



هن صفحي کي شيئر ڪريو