حسين فقير ديدڙ: عوامي شاعر حسين فقير ڳوٺ ديدڙ، تعلقي قنبر ۾ 1803ع ڌاري پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. دستوري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هڪ استاد جي حيثيت سان 1844ع ۾ پنهنجي ٺهرايل مسجد ۾ وفات تائين تعليم ڏيندو رهيو. هو ٽالپر حڪمرانن وٽ ڪاردار به هو. زندگيءَ جو شروعاتي عرصو ٽالپرن وٽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گذاريائين. اتان وري ميرن جي ڏنل زمين تي زمينداري به ڪيائين. زندگيءَ ۾ ڪن اڻوندڙ واقعن کان متاثر ٿي هن فقيري اختيار ڪئي. کيس غريبن ۽ مسڪينن سان وڏي همدردي هوندي هئي. سندس خاص دوست نواب فتح محمد خان لاهوري هو. مشهور عوامي شاعر حمل فقير به ساڻس ڪچهرين لاءِ ايندو هو. ان وقت حسين فقير جو ڏوهٽو شاهه محمد ديدڙ، جيڪو اڳتي هلي سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو بهترين شاعر بڻيو، سو به هنن جي ڪچهريءَ ۾ ويهي رهندو هو.
حسين فقير ديدڙ بهترين شاعر هو. سندس ڪلام ’ڪليات حسين ديدڙ‘ جي نالي سان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ترتيب ڏئي، 1971ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ڪرايو آهي. هن ڪليات ۾ سندس چيل حمد، مدحيات، ٽيهه اکريون، بيت، مولود، معجزا ۽ ڪافيون شامل آهن. ڊاڪٽر سنديلو، حسين فقير جي ڪلام جي ڪَٿَ ڪندي مقدمي ۾ لکي ٿو ته، ”حسين فقير جو ڪلام معنيٰ جا موتي آهن، جي اوندهه جو اوجر آهن، جيڪڏهن انسان هڪ وار سچي دل سان سندس ڪلام پڙهندو ته ازخود دنيا جي بي بقا وٿن کي وساري ڇڏيندو. سندس ڪلام جو فقط هڪ موضوع: ’نصيحت ۽ صرف نصيحت‘ آهي.
حسين فقير ديدڙ، 1873ع ڌاري وفات ڪئي.