حسڻ لاکي جو مقبرو

حسڻ لاکي جو مقبرو: هيءُ مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي خاص خليفي حسڻ لاکي جو آهي. هن جي والد جو نالو پير بخش هو. مقبرو قنبر کان 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي يونين ڪائونسل غيبي ديري ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ آهي. مقبري جي اڏاوت 1800ع جي آهي. حسڻ لاکي کي گنداخا جي اتر طرف ۾ جاگيرون مليل هيون. حسڻ لاکي ۽ پير بخش لاکي هڪ واھہ بہ کوٽايو هو، ان جو نالو ’قادر واھہ‘ رکيائون. حسڻ لاکي 1778ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار جي مٿان ولي محمد چانڊيي مقبرو تعمير ڪرايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو