حشو پارواڻي: حشمتراءِ اين. پارواڻي عرف عام ۾ حشو پارواڻي، 19 جون 1931ع تي دادوءَ ۾ ڄائو. سٺو ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار هو. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ وڃي آباد ٿيو. ريلوي ۾ ملازم هو. ويسٽرن ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين پاران نڪرندڙ مئگزين ’هلچل‘ جو ايڊيٽر رهيو. ٻارن جي رسالي ماهوار ’گلابي گلڙا‘ جو به ايڊيٽر رهيو. مذاحيه ۽ سماجي موضوعن تي ڪيترا ليک ۽ مضمون لکيائين. الهاس نگر ۾ رهائش هئس.
1931.06.19 عيسوي
حشمتراءِ اين. پارواڻي عرف عام ۾ حشو پارواڻي، 19 جون 1931ع تي دادوءَ ۾ ڄائو.