حضرت ابراهيم عليہ السلام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب خدا تعاليٰ جي پيغمبر حضرت ابراهيم عليہ السلام جي زندگيءَ تي لکيل آهي، جيڪو نامياري ليکڪ اخلاق حسين جي ڪتاب جو ترجمو، آهي، جنهن جو سنڌيڪار محمد ايوب انصاري آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آڪٽوبر 2009ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب ۾ ﷲ جي نبي حضرت ابراهيم خليل ﷲ جي سيرت پاڪ نهايت معنيٰ خيز انداز ۾ پيش ڪئي وئي آهي. رنگين ۽ پڪي جلد سان 265 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 140 روپيا آهي.