حضرت بابا بُلهي شاهه

حضرت بابا بُلهي شاهه

حضرت بابا بُلهي شاھہ

حضرت بابا بُلهي شاھہ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشھور صوفي شاعر ۽ بزرگ حضرت بابا بُلهي شاھہرح جي سوانح ۽ سندس چونڊ ڪلام تي مشتمل آهي، عبدالجبار ’عبد‘ مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ فهرست کانپوءِ هڪ صفحي تي بُلهي شاھہ جي شبيھہ ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ نوجوان ليکڪ وحيد محسن ۽ پيش لفظ عبدالجبار ’عبد‘ جو لکيل آهي.ڪتاب ۾حضرت بُلهي شاھہ جي تفصيلي سوانح حيات ڏني وئي آهي، جنهن کي هيٺين بابن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) حضرت بابا بُلهي شاھہ، خاندان ۽ ولادت، (2) ننڍپڻ، (3) اُچ شريف مان لڏي وڃڻ، (4) حليو، تعليم ۽ تربيت، (5) بُلهي شاھہ جي اُستاد حافظ غلام مرتضيٰ جو مختصر تعارف، (6) قصور شھر جو مختصر تعارف، (7) خواب ۾ پنھنجي خاندان جي وڏي ڏاڏي سان ملاقات، (8) مرشد وٽ حاضري، (9) بلهي شاھہ جي مرشد شاھہ عنايت قادريءَ جو مختصر تعارف، (10) مرشد طرفان عبادت ۽ رياضت جو حڪم ۽ پانڊوڪيءَ ۾ واپس اچڻ، (11) سک سپاهيءَ کي پانڊو خان جي ماڻهن کان ڇڏائڻ، (12) چوڌري پانڊو ۽ ٻين جو بُلهي شاھہ کي واپس آڻڻ لاءِ دفتوه وڃڻ، (13) ڳوٺ پانڊوڪيءَ جو سکن جي هٿان تباھہ ٿيڻ، (14) مرشد طرفان قصور وڃڻ، (15) رُٺل يار کي پرچائڻ لاءِ گواليار جو سفر اختيار ڪرڻ ۽ مرشد سان محبت، (16) بُلهي شاھہ جي ڪلام ۽ سوانح بابت ڪتاب، (17) وفات بُلهي شاھہ جي شاعريءَ تي هڪ نظر، (18) بُلهي شاھہ جي ڪلام ۾ قرآن پاڪ جي آيتن جو ترجمو. ان کان سواءِ ڪتاب جا ماخذ بہ ڄاڻايل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ِ حضرت بُلهي شاھہ جو چونڊ ڪلام ڏنو ويو آهي، جيڪو ڪافين، ڏوهيڙن، سه حرفين، ڳنڍ، اَٺَ وارَ ۽ ٻارهن مهينا جهڙِين صنفن وغيرہ تي مشتمل آهي. 121 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد سان ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 25 رپيا آهي، جنهن کي منظور بڪ اسٽور شڪارپور 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو