
حضرت بلال بانگو رضه
حضرت بلال بانگو رضي ﷲ عنه (ڪتاب): هي ڪتاب رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي اصحابي حضرت ﷲ عنه'>بلال رضي ﷲ عنه جي زندگيءَ جي احوال تي مشتمل آهي. ڪتاب جو ليکڪ ناميارو عالم مولانا محمد قاسم سومرو آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ حضرت ﷲ عنه'>بلال رضي ﷲ عنه جي سوانح حيات ۽ اسلام جي پهرين مؤذن هئڻ جو تذڪرو پيش ڪيو آهي. سادي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ تصنيف ٿيل هن مجموعي کي ننڍن ننڍن عنوانن ۾ ورهائي ترتيبوار مواد سان سهيڙيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن 2010ع ۾ ڇپايو آهي. 213 صفحن تي مشتمل پڪي جلد ۽ رنگين ٽائٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. هي ڪتاب ’حضرت ﷲ عنه'>بلال رضي ﷲ عنه‘ عنوان سان مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پڻ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.