حضرت بلال بانگو رضه

حضرت بلال بانگو رضه

حضرت بلال بانگو رضہ

حضرت بلال بانگو رضہ (ڪتاب): هي ڪتاب رسول ڪريم صلي عليہ وسلم جي اصحابي حضرت بلال رضہ جي زندگيءَ جي احوال تي مشتمل آهي. ڪتاب جو ليکڪ ناميارو عالم مولانا محمد قاسم سومرو آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ حضرت بلال رضہ جي سوانح حيات ۽ اسلام جي پهرين مؤذن هئڻ جو تذڪرو پيش ڪيو آهي. سادي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ تصنيف ٿيل هن مجموعي کي ننڍن ننڍن عنوانن ۾ ورهائي ترتيبوار مواد سان سهيڙيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن 2010ع ۾ ڇپايو آهي. 213 صفحن تي مشتمل پڪي جلد ۽ رنگين ٽائٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. هي ڪتاب ’حضرت بلال رضہ‘ عنوان سان مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پڻ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو