
حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو: سوانح ۽ افڪار
حضرت شاھہ عبدالڪريم بلڙي وارو: سوانح ۽ افڪار (ڪتاب): هي ڪتاب صوفي شاعر ۽ بزرگ شاھہ عبدالڪريم، سندس ڪلام، فڪر ۽ فلسفي بابت لکيل مختلف مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ‘پيش لفظ’ مرتب لکيو آهي، جڏهن تہ ڪتاب ۾ معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، محمد ابراهيم ترڪ، لياقت جوڻيجي، ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ لغاري، ذاڪر حسين کٽي، حافظ حبيب ﷲ سنڌي، ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي، مشتاق احمد پٺاڻ ۽ پروفيسر سيد قلندر شاھہ لڪياريءَ جا مضمون شامل آهن. هي ڪتاب اوقاف کاتي، سنڌ حڪومت جي سهڪار سان شاھہ ولي ﷲ اڪيڊمي، حيدرآباد 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.