حضرت قلندر لعل شهباز

حضرت قلندر لعل شهباز

حضرت قلندر لعل شھباز

حضرت قلندر لعل شھباز (ڪتاب): حضرت شھباز قلندر جي سوانح جي موضوع تي لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شھباز جي حياتي، سيوهڻ شريف جي تاريخي پسمنظر، تصوف جي تاريخ، سھروردي سلسلي، چشتي سلسلي، قلندري مسلڪ ۽ مٽيءَ جي مفهوم ۽ قلندر لعل شھباز جي شاعريءَ سميت قلندر جي يادگارن تي معلوماتي مواد سهيڙيو آهي. ان کان سواءِ ڪتاب ۾ قلندر لعل شھباز جي همعصرن، طالبن ۽ فيض يافتہ مريدن جو پڻ تذڪرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 10 باب آهن، ڪتاب جي ’ٻہ اکر‘ واري نوٽ ۾ مصنف لکيو آهي تہ: ”حضرت قلندر لعل شھباز رح بابت تاريخن ۽ تذڪرن ۾ مواد گهٽ ٿو ملي، ان هوندي بہ کوجنا ۽ جستجو کانپوءِ جيڪو مواد مليو آهي ان کي سنواري سينگاري پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ بدر ڌامراهي لکيو آهي. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز ۾ 221 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب روشني پبلڪيشن ڪنڊياري 2007ع ۾ ڇپرايو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو