حضوري فوج

حضوري فوج: مغل دور ۾ 1001ھہ/1592ع ۾ بختيار بيگ ترڪمان ڪيترن ئي جابلو ماڻهن، خاص ڪري سميجن ۽ انڙن کي ريجهائي، جاسوسيءَ لاءِ پاڻ وٽ ملازم ڪري رکيو. بختيار بيگ مغلن پاران سيوهڻ جو عملدار هو. سندس لشڪر ستن حصن ۾ ورهايل هو. جنهن مان واري واري سان هر فوجي هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن وٽس حاضر رهندو هو. اها هن جي ’حضوري فوج‘ هئي. هيءُ نفيرَ ۽ شرناءِ پاڻ وٽ رکندو هو ۽ حڪم ڏئي ڇڏيو هئائين تہ جڏهن بہ هو لانگ بوٽ پائي گهوڙي کي ورائي تہ سپاهي بہ ساڻس گڏ گهوڙن تي سوار ٿين ۽جڏهن بِگل وڄن تہ لشڪر جا سڀئي سپاهي، منشين جي اشاري کان سواءِ ٽن ڏينهن جو ڀَتو پاڻ سان گڏ کڻي وَهٽن تي لانگ ورائين. سندس فوجين کي هدايت ڪيل هئي تہ ڪو بہ ٻيو ماڻهو لشڪر سان گڏ سوار ٿيڻ جي جرئت نہ ڪري. هيءَ سپاھہ گري جي اهڙي نرالي تدبير هئي، جو ڪنهن ٻئي کي ان جي ڪابہ ڪَل نٿي پئي. اهڙي حڪمت عمليءَ جي ڪري سندس فوج کي ‘حضوري فوج’ چيو ويندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو