حفصه رضہ: ام المؤمنين حضرت حفصه، رضہ حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جي چوٿين گهر واري هئي، جيڪا بيبي عائشہ رضہ کانپوءِ سندن نڪاح ۾ آئي. هيءَ حضرت عمر فاروق رضہ جي ڌيءَ هئي، بيبي حفصه رضہ هجرت کان ارڙهن سال اڳ پيدا ٿي. هجرت کان اڳ پاڻ حضرت خنيس بن خدافه جي نڪاح ۾ هئي. ٻنهي زال مڙس گڏجي اسلام قبول ڪيو. سندس مڙس خنيسرضه بدر جي جنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد مديني ۾ شهادت ماڻي، جڏهن تہ حافظ ذهبي ابن حجر ۽ ابن البر مطابق خنيسرضه سن 3 هجريءَ ۾ احد جي جنگ ۾ شھيد ٿيو ۽ انهيءَ سال ئي بيبي حفصه رضہ رسول پاڪ جي نڪاح ۾ آئي. بيبي حفصه رضہ رسول پاڪ صلي ﷲ عليہ وآلھ وسلم جي وصال کانپوءِ مديني منوره ۾ ئي رهي ۽ 45ھہ ۾ وفات ڪيائين. سندس جنازي نماز مديني جي والي مردان بن الحڪم پڙهائي. کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو.