حفظ ﷲ خان نواب

حفظ خان، نواب: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”نواب ابو نصرت خان جي وفات کانپوءِ حفظ خان 1103ھہ/1691ع ۾ ٺٽي ۽ سيوستان (سيوهڻ) جو حاڪم ٿي آيو. نواب حفظ خان سخي امير هو. ولادت رسول (عيد ميلادالنبي صہ)جي موقعي تي هزار ماڻهن لاءِ شاهاڻي نعتيه محفل ڪرائيندو ۽ نذر و نياز ڪندو هو. مهمانن جا هٿ خود ڌئاريندو هو.
جنهن وقت شھزادو محمد معزالدين، ميان دين محمد ڪلهوڙي کي ڪچلڻ لاءِ ملتان کان سنڌ ٿي آيو، تڏهن حفظ کي سيوستان واري درياھہ تي پل ٺهرائڻ جو حڪم مليو هو. هن هڪدم ڪم شروع ڪرايو، پر جڏهن ڏٺائين تہ شيخ عبدالغني ٺٽويءَ کان اهو ڪم صحيح نٿو ٿي سگهي. تڏهن پاڻ خود بندوبست ڪيائين. انهيءَ ڪم دوران گرميءَ جا ڏهاڙا هئا ۽ نواب حفظ سج جي گرمي ۽ تپش سبب بيمار ٿي پيو ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾ 1112 ھہ/ 1700ع ۾ سيوستان ۾ وفات ڪيائين. ٺٽي جي حاڪم جي رهائش وارو قلعو سندس ٺهرايل هو. فصاحت ۽ بلاغت سان شعر چوندو هو. سندس شعر دلپسند هوندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو