حفظ ﷲ علوي مير

حفظ علوي، مير: شڪارپور جو مشھور بزرگ مير حفظ علوي، علوي خاندان جي مؤرث اعليٰ شاھہ علوي'>فقير علوي رح جو فرزند هو. شاھہ علوي'>فقير علوي، جلال آباد (افغانستان) مان هجرت ڪري ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سن 1737ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪجهہ وقت ٺٽي ۾ رهڻ کان پوءِ شڪارپور ۾ اچي رهيو. هن کي 17 پُٽ ۽ 4 نياڻيون هيون. مير حفظ علوي سندس پنجون نمبر پٽ هو. هي بزرگ پنھنجي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ اهل هو. مير حفظ کي چار فرزند ٿيا، جن مان سندس ٽئين فرزند مير فخرالدين کي ٻہ پٽ ٿيا. وڏو فرزند مير شاهنواز ۽ ننڍو مير حفظ عرف مير علي نواز ٿيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر ۽ عالم هو، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ’ڪليات علوي‘ ڊاڪٽر عبدالخالق سومري ’راز‘ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. (ڏسو: مير علي نواز علوي، ايندڙ جلدن ۾).


هن صفحي کي شيئر ڪريو